Book Name:Miraaj kay Waqiaat

سان ٻڌو، رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مَحَبَّت دِل ۾ وڌيڪ اُجاگر ٿيندي۔
                                                                                                                                                                                                                                                                                                                  اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

معراج جي سفر جو خلاصو

تفسيرِ صِراطُ الجنان“ جلد 5 صَفحي 414 ۽ 415 تي آهي: معراج جي رات حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿيا، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي معراج جي خوشخبري ٻُڌائي ۽ سندن مُقَدَّس سينو کولي ان کي آبِ زَمْ زَم سان ڌوتائون، پوءِ ان سيني کي حڪمت ۽ اِيمان سان ڀري ڇڏيو۔ ان کان پوءِ تاجدارِ رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ بُراق (نالي سُواري) پيش ڪئي وئي ۽ انتهائي اِڪرام و اِحترام سان ان تي سُوار ڪري مسجد ِاقصيٰ ڏانهن وٺي ويا۔ بَيتُ المَقدِس ۾ نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سمورن نبين ۽ رسولن عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام جي اِمامت فرمائي۔ پوءِ اتان کان آسمانن جي سير ڏانهن مُتَوَجِّه ٿيا، حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام واري واري سان سمورن آسمانن جا دروازا کولرايا، پهرين آسمان تي حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام، ٻي آسمان تي حضرت يحييٰ ۽ حضرت عيسيٰ عَلَيهمَا الصَّلٰوة وَالسَّلَام، ٽئين آسمان تي حضرت يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام، چوٿين آسمان تي حضرت ادريس عَلَيۡهِ السَّلَام، پنجين آسمان تي حضرت هارون عَلَيۡهِ السَّلَام، ڇهين آسمان تي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ ستين آسمان تي حضرت ابراهيم
عَلَيۡهِ السَّلَام حُضورِ اَقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ۽ ملاقات سان مُشَرَّف ٿيا، اُنهن حُضورِ اَنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عزّت ۽ تڪريم ڪئي ۽ تشريف آوري جون مبارَڪون ڏنيون، ايستائين جو نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ آسمان کان ٻي آسمان جي طرف سير ڪندي ۽ اتان جا عجائبات ڏسندي تمام مُقَرَّبِين جي آخري منزل سِدرَة الۡمُنتَهٰي تائين پهتا۔ هن هنڌ کان اڳتي وڌڻ جي جيئن ته ڪنهن مُقَرَّب ملائڪ جي به مجال نه آهي، ان ڪري حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام اڳتي گڏ وڃڻ کان مَعذِرَت ڪري اتي رهي پيا، پوءِ مقامِ قُربِ خاص ۾ حُضور پُرنُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ترقّيون فرمايون ۽ ان قربِ اعليٰ ۾ پهتا جو جنهن جي تَصَوُّر بابت مخلوق جا اَفڪار ۽ خيالات به پرواز کان عاجز آهن۔ اتي رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي خاص رحمت ۽ ڪرم ٿيو ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى