Book Name:Miraaj kay Waqiaat

اميرِاهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو بيان بنام ”خاموش شهزادو“ ٻڌڻ شروع ڪري ڏنو، جيئن ئي ولي ڪامل اميرِاهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مٺو مٺو آواز ان جي ڪنن ۾ داخل ٿيو ته دل مان گناهن جو زنگ ختم ٿيڻ شروع ٿي ويو ۽ ان پنهنجي سمورن گناهن کان توبه ڪئي ۽ پنج وقت نماز جي پابندي سان گڏوگڏ مدني برقعو به پائڻ لڳي. اللہ  ڪريم جي اميرِاهلسنت تي رحمت هجي ۽ ان جي صدقي اسان جي مغفرت ٿئي. (فلمي اداڪارا جي توبهه،ص11)                    

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

امامُ الانبياء توهان آهيو

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! سفرِ معراج جو هڪ پهلو (Aspect) اهو به آهي ته اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن رات سڀني انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام جي امامت فرمائي جيئن ته حديثِ پاڪ ۾ آهي: مان ان (بُراق) تي سُواري ڪندي بَيتُ المَقدِس تائين پهتس ۽ جنهن هنڌ اَنبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام پنهنجي سُوارين کي ٻڌندا هئا مون ان کي اتي ٻڌي ڇڏيو پوءِ مان مسجدِ (اَقصٰي) ۾ داخِل ٿيس ۽ ان ۾ ٻه رڪعت نماز ادا ڪئي۔ (مسلم ،کتاب الایمان ، باب الاسراء برسول اللہ الخ ،ص۹۷،حدیث۲۵۹)

مشهور ولي، ولي ڪامِل حضرت عَلّامه مَولانا مَخدوم محمد هاشِم ٺٺوي رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: هن نماز ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام اَنبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام جا اِمام هئا۔ (سیرۃ سید الانبیاء،ص۱۲۸) (ڇوته) پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عظيم شان جي اِظهار جي لاءِ بَيتُ المَقدِس ۾ تمام اَنبياءِ ڪرَام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام کي گڏ ڪيو ويو هو۔ (سنن النسائى، كتاب الصلاة، باب فرض الصلاة...الخ، ص۸۱، حديث:۴۴۸) جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اتي تشريف کڻي آيا ته انهن سڀني خوش آمديد چيو ۽ نماز جي وقت سڀني پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي امامت جي لاءِ اڳيان ڪيو، ۽ پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن تمام انبياءِ ڪرام عَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي اِمَامت فرمائي. (معجم اوسط ،من اسمه على،۳/۶۵،حديث:۳۸۷۹ملخصاً)