Book Name:Miraaj kay Waqiaat

ٿيون: جڏهن حُضُور نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مسجدِ حرام کان مسجدِ اَقصيٰ جي سير ڪرائي وئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻي صُبح جو ماڻهن اڳيان هن مڪمل واقعي کي بيان ڪيو، (ڪجهه) ڪافر ڊوڙندا حضرت سَيِّدُنا ابوبڪر صدّيق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وٽ پهتا ۽ چوڻ لڳا: ڇا توهان هن ڳالھ جي تصديق ڪري سگهو ٿا؟ جيڪا توهان جي دوست چئي آهي ته انهن راتون رات مسجدِ حرام کان مسجدِ اقصٰي جو سير ڪيو؟“ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: ڇا حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن واقَعي هي بيان فرمايو آهي؟ انهن چيو جي ها. “پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: لَئِنْ قَالَ ذٰلِكَ لَـقَدْ صَدَقَ يعني جيڪڏهن سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اهو ارشاد فرمايو آهي ته يقينًا سچ فرمايو آهي، مان هن ڳالھ جي بنا ڪنهن جِھجھڪ جي تصديق ڪيان ٿو، انهن چيو: يعني ڇا توهان ان حيران ڪندڙ ڳالھ جي به تصديق ڪريو ٿا ته اھي اڄ رات بَيۡتُ المقدّس ويا ۽ صبح ٿيڻ کان پھرين واپس به اچي ويا؟ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: جي ها! مان ته حُضُورِ اَڪرَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آسماني خبرن جي به صبح و شام تصديق ڪندو آهيان. جيڪا يقينًا هن ڳالهه کان به وڌيڪ حيران ڪندڙ ۽ تَعَجُّب واري ڳالهه آهي.“ پوءِ ان واقعي کان پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ صدّيق مشهور ٿي ويا.(مستدرڪ،ڪتاب معرفة الصحابة،باب ذڪر الاختلا ف في امرخلافةالخ،۴/۲۵، حديث:۴۵۱۵)

اَمِیْرُ الْمُؤمِنِیْں ہیں آپ اِمَامُ الْمُسْلِمِیں ہیں آپ                        نبی نے جَنّتی جن کو کہا صِدِّیقِ اکبر ہیں

سَبھی اَصحاب سے بڑھ کر مُقَرَّب ذات ہے اُن کی                        رَفِیْقِ سَرْوَرِ اَرْض و سَما صِدِّیقِ اکبر ہیں

عُمَر سے بھی وہ افضل ہیں وہ عثماں سے بھی ہیں اعلیٰ                         یقیناً پیشوائے مُرتضیٰ صِدِّیقِ اکبر ہیں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ رَجَبُ المُرَجَّب جو بَابَرَڪت مهينو اسان جي وچ ۾ جلوه گر آهي۔ پوءِ عنقريب شَعبَانُ المُعَظّم جي مبارَڪ مهيني جي به جلوه گري ٿيڻ واري آهي۔ جنهن جي پهرين تاريخ تي مُحَدِّثِ