Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

وغيره جي ذَرِيعي عَمَلي طور تي هن سُنّت کي زِندهه رکڻ جي جِدّوجهد جاري

رکي آهي ۽ وَقتاً فَوَقتاً مُسلمانن کي پاڻ ۾ مُتَّحِد رهڻ جي تَرغيب به ڏياريندا رهن ٿا جنهن جي هڪ دِلنشين جَھلَڪ پاڻ دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو تَحريري رِسالو ”نا چاقیون کا علاج“ ۽ VCD”گھر امن کا گھوارہ کیسے بنے" به آهي، تنهنڪري اڄ ئي مڪتبةُ المدينه تان هن رسالي کي هديةً حاصل ڪيو ۽ ان جو مُطالعو پاڻ به ڪيو ۽ ٿي سگھي ته ٻين اسلامي ڀائرن کي به ترغيب ڏياريو۔ هن رسالي ۽ بيان کي دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مُصطَفٰي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جواني ۽ شام جو سفر

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جڏهن نبين جي سَروَر، دو عالَم جي تاجوَر، مَحبوبِ ربِّ اَڪبر صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عمر پنجويهه (25) سالن جي ٿي ته سندن امانت ۽ صداقت جو چرچو پري پري تائين پهچي چڪو هو، حضرت خديجه رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهَا مڪي جي هڪ تمام وڏي مالدار عورت هئي ان جي مڙس جو انتقال ٿي چڪو هو ان کي ضرورت هئي ته ڪو امانت دار ماڻهو ملي وڃي ته ان سان گڏ پنهنجي تجارت جو مال ۽ سامان ملڪ شام موڪلين. جڏهن ته انهن جي نظرِ انتخاب ان ڪم جي لاءِ حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي منتخب ڪيو ۽ چورائي موڪليو ته پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجو مال تجارت کڻي ملڪ شام وڃن، جيڪو معاوضو آئون ٻين کي ڏيندي آهيان، پاڻ سڳورن صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي امانت ۽ ديانت جي ڪري آئون توهان کي ان جو ٻيڻو ڏيندَيس. حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي درخواست منظور فرمائي ۽ تجارت جو مال ۽ سامان کڻي ملڪ شام روانا ٿي ويا. ان سفر ۾ حضرت خديجه رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهَا پنهنجي هڪ اعتماد واري غلام ”مَيسَرَه“ کي به پاڻ سڳورن صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ روانو ڪري ڇڏيو ته جئين هو سندن خدمت ڪندو رهي. جڏهن پاڻ سڳورا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ