Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat
(3) ٽيو مَدَني گل هي مليو ته رسول اڪرم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جَواني ۾ به اِصلاحِ مُعَاشَرَه جا حقيقي عَلَمبَردَار هئا، جيڪي لَڙائي جھيڙن ۽ خون خَرابي وارن مُعَامَلن کي خَتم ڪرائڻ ۾ هميشه پيش پيش رهندا هئا، ان ۾ انهن ماڻهن جي اصلاح جي مدني گل چونڊڻ گهرجن جيڪي وڙهندڙ مُسلمانن جي وچ ۾ بچاءُ ۽ مُعافِي تَلافِي ڪرائڻ جي بدران انهن کي وڌيڪ غُصّو ڏياريون ٿيون، پري بيهي تماشو ڏسي لُطف اَندوز ٿيون ٿا، بلڪ لَڙائي جھيڙي جون تصويرن (Pictures) ۽ وِيڊيوز بڻائي سوشَل مِيڊيا تي اَپ لوڊ ڪريون ٿا۔ ٿورو سوچيو! ڇا عاشِقانِ رَسُول صِرف دَعوئن ۽ نَعرن جي حد تائين مَحدود رهندا آهن؟، ڇا عاشِقانِ رَسُول بي حِس هوندا آهن؟، ڇا عاشِقانِ رَسُول مُسلمانن کي پاڻ ۾ وڙهائيندا آهن؟، ڇا عاشِقانِ رَسُول مُسلمانن کي وڙهندو ڏسي لُطف ماڻيندا آهن؟، ڇا عاشِقانِ رَسُول وڙهندڙ مُسلمانن کي ڏسي انهن جون تصويرن ۽ وِيڊيوز بڻائيندا آهن؟۔ يقيناً نه! هرگز نه! عاشِقانِ رَسُول ته مُسلمانن جي عزّت ۽ آبرُو ۽ جان ۽ مال جا مُحَافِظ هوندا آهن، عاشِقانِ رَسُول ته مُسلمانن کي پاڻ ۾ ملائڻ وار هوندا آهن، عاشِقانِ رَسُول ته مُسلمانن جون پاڻ ۾ ناراضگيون خَتم ڪرائڻ وارا هوندا آهن، عاشِقانِ رَسُول ته مُسلمانن کي گُناهن کان بچائي انهن کي نيڪي جي دَعْوَت ڏيڻ وارا هوندا آهن۔ ته اچو! اڄ کان نِيت ڪريون ٿا ته وڙهندڙ مُسلمانن جو تماشو نه ڏسنديون سين، انهن جون تصويرون ۽ ويڊيوز نه بڻائينديون سين، بِلا وجه شَرعي وڙهڻ واري يا پاڻ ۾ ناراض مُسلمانن ۾ صُلح ڪرائي ان تي مِلڻ واري ثَواب جا حَق دَار بڻجنديون سين، اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ۔
اچو! ترغيب طور مُسلمانن ۾ صُلْح ڪرائڻ جي فضيلت تي مُشتَمِل هڪ نهايت ئي پيارِي حديثِ پاڪ سماعت فرمايو، جيئن حضرت سَيدُنا ابُو دَردَاء رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْه کان رِوايت آهي ته رَسُولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: ڇا مان توهان کي اهڙو ڪم نه ٻڌايان جيڪو دَرَجي ۾ روزو، نَماز ۽ زَڪوٰة