Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat
نُبُوَّت، مصطفٰي جانِ رحمت صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)
سُنّتیں عام کریں دِین کا ہم کام کریں
نیک ہوجائیں مُسَلمان مدینے والے
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
اچو ته شَيخِ طَرِيقَت،اَميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”163 مَدَني گل“ مان هلڻ جون سُنتون ۽ آداب ٻڌون ٿيون: ٭ سيپاري 15 سورهءِ بني اسرائيل آيت نمبر 37 ۾ ارشاد ربُّ العِبَاد آهي:
وَ لَا تَمْشِ فِی الْاَرْضِ مَرَحًاۚ-اِنَّكَ لَنْ تَخْرِقَ الْاَرْضَ وَ لَنْ تَبْلُغَ الْجِبَالَ طُوْلًا(۳۷)
ترجموڪنزالايمان: ۽ زمين ۾ آڪڙ ڪري نه هل بيشڪ تون زمين کي هرگز چيري نه سگهندين ۽ هرگز پهاڙن جي اوچائي کي نه پهچندين .
٭ فرمـانِ مصطفيٰ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: هڪ شخص ٻه چادرون پائي تڪَبُّر سان هلي رهيو هو ۽ گهمنڊ ۾ هو، اهو زمين ۾ دٻايو ويو ۽ اهو قيامت تائين زمين ۾ دٻجندو ويندو ـ (صحيح مسلم ص 1156حديث 2088) ٭ رسولِ اڪرم،نورِ مُجَسَّم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هلندا هئا ته ڪجهه اڳتي جي طرف جهڪي هلندا هئا ڄڻ ته پاڻ مٿانهين کان هيٺ پيا لهن ـ (الشمائل المحمديه للترمذي ص 87 رقم 118) ٭ جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ نه هجي ته رستي جي ڪناري کان وچولي چال هلو، نه ايترو تيز جو ماڻهن جون نگاهون اوهان ڏانهن ٿين ته تڪڙو تڪڙو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي! نه ايترو آهستي جو ڏسڻ واري کي اوهان بيمار لڳو ٭ رستي تي هلندي بلاضرورت