Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat
هئا ۽ خُون خَرابي جي نوبَت نه ايندي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشِقانِ رَسُول جي مَدَني تَحريڪ دعوتِ اسلامي به اُمّت جي اِصلاح جي جذبي تحت ڪم و بيش 104 شُعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائڻ ۾ مَصرُوف آهي۔ انهن مان هڪ اِنتهائي اَهم شُعبو ”دارُالاِفتا اهلسنَّت“ به آهي، جامع مسجد ڪنزُالايمان، بابري چوڪ بابُ المدينه (ڪراچي) ۾ دعوتِ اسلامي جي تحت 15 شعبانُ المعظم ۱۴۲۱ هجري ۾ دارُ الافتا اهلسنَّت جو آغاز ٿيو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ بيان ڏيندي بابُ المدينه (ڪراچي) ۾ 5 دارُالافتا اهلسنَّت قائم آهن، ان کان علاوه زَم زَم نگر (حيدرآباد) سردار آباد (فيصل آباد)، مرڪزُ الاوليا (لاهور) ۾ 2 دارلافتاء راولپنڊي ۽ گلزارِ طيبه (سرگودا) ۾ دارُالافتاء اهلسنَّت، پياري آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏکويل اُمَّت جي شَرعي رَهنمائي ۾ مصروفِ عمل آهن۔ ان جي علاوه ’’دارُالافتاء اهلسنَّت‘‘ جا اسلامي ڀائر ٽيلي فون، واٽس اَيپ (Whatsapp) ۽ اِنٽر نيٽ تي سڄي دُنيا جي مُسلمانن جي طرفان پڇا ڪيل مَسئلن جو حل ٻڌائيندا آهن۔ اِنْٽرنيٽ جي ذريعي سڄي دُنيا مان هن ميل ايڊريس (darulifta@dawateislami.net) تي سوال پڇي سگھجن ٿا ۽ پڻ دُنيا جي ڪنهن به حصي کان شرعي رهنمائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هنن نمبرن تي رابطو به ڪري سگھجي ٿو۔ نمبر نوٽ فرمائي وٺو۔
(1) 0300-0220112 (2) 0300-0220113
(3) 0300-0220114 (4) 0300-0220115
پاڪستاني وقت جي مُطَابِق صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين هنن نمبرن تي رابطو ڪري سگھجي ٿو، (منجھند جو هڪ کان ٻه وڳي تائين وقفو هوندو آهي) جُمُعي جي ڏينهن موڪل هوندي آهي ـ
الحمدلله 100 فيصد اسلامي ”مدني چينل“ جو مشهور سلسلو ”دارُالاِفتا اهلسنَّت“ سلسلو آهي، جيڪو هفتي ۾ 5 ڏينهن مختلف وقتن ۾ هلندو آهي