Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

ڪوڙ ڪيتري قَدَر تباھ ڪن بُرائيون آهن، تنهنڪري عقلمندي انهيءَ ۾ آهي

ته اسان پنهنجي نَرم ۽ نازُڪ بَدَن تي رحم ڪريون ۽ پنهنجو مُحَاسَبو ڪريون ته انهن گُناهن ۾ مُبتَلا هئڻ سبب جيڪڏهن اسان کي جَهنَّم ۾ وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو ته اسان جو ڇا ٿيندو۔ هن پُرفِتَن دور ۾ عاشِقانِ رَسُول جي مَدَني تَحريڪ دعوتِ اسلامي مُسلمانن کي گناهن کان بچائڻ ۽ انهن کي نيڪ بڻائڻ جي لاءِ هر وَقت ڪوشش ڪري رهي آهي۔ اچو! گناهن کان نجات ماڻڻ ۽ نيڪين جي راھ تي گامزن ٿيڻ جي لاءِ اسان به دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي ذيلي حلقي جي 8 مَدَني ڪمن جون ڌُومون مچائڻ واريون بڻجي وڃون۔ ذيلي حلقي جي 8 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”گهر درس“ به آهي۔گهر ۾ مدني ماحول بڻائڻ جي لاءِ روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو فيضانِ سنت جو درس ڏيڻ يا ٻڌڻ جي ترڪيب فرمايو (جنهن ۾ نامحرم نه هجي). امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي تخريج شده رسائل مان به حسب موقع درس ڏئي سگهجي ٿو. (دورانيه 7 منٽ آهي)

 ٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ گهر درس جي بَرَڪت سان علم دين حاصل ڪرڻ جو ثَواب ملندو آهي،٭ اهڙي طرح گهر درس به ظاهري ۽ باطني اخلاق سنوارڻ ۽ سٺي تربيت جو هڪ ذريعو آهي. تنهنڪري اوهان سڀ اسلامي ڀينرون گهر درس شروع ڪرڻ جي نيت فرمايو ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحُول سان هر دم وابسته ٿي وڃو. اچو! تَرغِيب طور هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،

گناهه کي گناهه سمجهڻ جو شعور ملي ويو:

باب المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀيڻ نمازون قضا ڪرڻ ۽ بي پردگيءَ جهڙن گناهن ۾ گرفتار هئي. افسوس! ان کي گناهه کي گناهه سمجهڻ جو به احساس نه هو ان کي دنياوي سهولتون موجود هجڻ جي باوجو دلي سڪون نصيب نه هو اها عجيب بي چيني ۽ گهٻراهٽ جو شڪار رهندي هئي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه