Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat
اهڙيون مَنحوس بُرائيون آهن جو اِن ۾ مُبتَلا اِنسان الله عَزَّ وَجَلَّ ۽ ان جي مَحبوب صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ناراضِي مٿان آهي، مُخلِص دوستن کا مَحروم ٿي ويندو آهي، ماڻهن جو اِعتِماد (Trust) ماڻڻ ۽ اُنهن کي راضِي رکڻ ۾ ناڪام رهندو آهي مطلب ته اهڙو شخص ذِلّت ۽ رُسوائي جو هار پنهنجي گلي ۾ وجھندو آهي۔ اچو! ڌوڪي بازي، بَداَخلاقي ۽ ڪوڙ جي مَذَمَّت تي مُشتَمِل 3 فَرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو ۽ عِبرَت حاصِل ڪريو، جيئن
اِرشاد فرمايائون: لعنتي آهي اهو شخص جيڪو ڪنهن مُسَلمان کي نُقصان پهچائي يا ان سان ڌوڪي بازي ڪري ۔
(ترمذي، ڪتاب البر الصلة،باب ماجاء في الخيانة والغش،۳/ ۳۷۸،حديث:۹۴۸ ۱)
اِرشاد فرمايائون: ڪنجوس، سَرڪش ۽ بَداَخلاق جَنَّت ۾ داخِل نه ٿيندا۔
(مساوي الاخلاق ،باب ماجاء في ذمّ البخل...الخ ، ص ۱۶۸،حديث :۳۶۱)
بارگاھ رسالت ۾ هڪ شَخص حاضِر ٿي عَرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! جهنَّم ۾ وٺي وڃڻ وارو عَمَل ڪهڙو آهي؟ فرمايائون: ڪوڙ ڳالهائڻ، جڏهن ٻانهو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ته گُناھ ڪندو آهي ۽ جڏهن گُناھ ڪندو آهي ته ناشُڪري ڪندو آهي ۽ جڏهن ناشُڪري ڪندو آهي ته جهنَّم ۾ داخِل ٿي ويندو آهي۔ (مسند امام احمد، مسند عبدالله ابن عمرو بن العاص، ۲/۵۸۹، رقم:۶۶۵۲)
بڑی کوشِشیں کی گُنہ چھوڑنے کی رہے آہ! ناکام ہم یااِلٰہی
مجھے نارِ دوزخ سے ڈر لگ رہا ہے ہو مجھ ناتُواں پر کرم یااِلٰہی
(وسائل بخشش مرمم،ص۱۱۰)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
8 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”گهر درس“
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته ڌوڪي بازي، بَداَخلاقي ۽