Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

اچڻ، دوستن سان همدردي، عزيزن جي غَم خَواري، غريبن ۽ مُفْلِسن جي خَبَرگيري، دُشمنن سان نيڪ ورتاؤ، مَخلوقِ خُدا جي خَيرخَواهي، مطلب ته تمام نيڪ عادتن ۽ سٺين سٺين ڳالهين ۾ پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ايتري بُلند مَنزِل تي پهتل هئا جو دُنيا جي وڏن وڏن اِنسانن جي لاءِ ايستائين رَسائي ته ڇا؟ ان جو تَصَوُّر به مُمڪن ناهي۔ اچو! صاحِبِ جُود و نَوال، پيڪرِ حُسنِ وجَمال صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قابِلِ رَشڪ ۽ لائقِ تَقلِيد مبارڪ جَواني جي روشن پهلوئن بابت ڪجھ اِيمان اَفروز واقعا ٻڌي پنهنجي دل ۾ مَحَبَّتِ رسول کي وڌيڪ اُجاگَر ڪرڻ جو سامان ڪندي هنن واقعن مان حاصِل ٿيندڙ مَدَني گلن کي پنهنجي دِل جي مَدَني گُلدَستي ۾ سَجائڻ جي ڪوشِش ڪيون ٿيون۔

حِلفُ الفُضُول

اِسلام کان اڳ عَرَبن ۾ جنگين جو سلسلو رهندو هو، روز روز جي لڙائين مان عرب جا سوين گهر برباد ٿي ويا هئا. هر پاسي بد اَمني ۽ روزانو جي لُٽ مار سان ملڪ جو امن ۽ امان تباهه ۽ برباد ٿي چڪو هو. ڪوبه شخص پنهنجي جان ۽ مال کي محفوظ نه سمجهندو هو.نه ڏينهن جو سُک،نه رات جو آرام، ان وحشت ناڪ صورتحال کان تنگ اچي ڪجھ صُلح پسند ماڻهن هڪ اصلاحي تحريڪ هلائي. پوءِ بَنُو هاشِم،بَنُو زُهرَه، بَنُو اَسَد وغيره قريش جي قبيلن جا وڏا وڏا سردار عَبدُالله بِن جُدعَان جي گهر گڏ ٿيا ۽ حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چاچي زبير بن عبدالمطلب هيءَ تجويز پيش ڪئي ته موجوده حالتن کي سڌارڻ جي لاءِ ڪو معاهدو ڪرڻ گهرجي. جيئن ته قريش جي خاندانن جا سردارن ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“هن قِسم جو هڪ معاهدو ڪيو ۽ حلف(قَسم) کڻي عهد ڪيو ته اسان:

(1) ملڪ مان بد امني ختم ڪنداسين (2) مسافرن جي حفاظت ڪنداسين (3) غريبن جي امداد ڪندا رهنداسين (4) مظلوم جي حمايت ڪنداسين (5) ڪنهن ظالم يا