Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

عَزَّوَجَلَّ ان کي دلي سڪون هن طرح مليو جو ڪجهه اسلامي ڀينرن جي دعوت تي ان کي دعوت اسلامي جي هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي

سعادت ملي اتي بيان ٻڌو پنهنجي ربّ قدير عَزَّوَجَلَّ جو ذڪر ڪيو ۽ دعا  گهري ۽ روئيندي روئيندي پنهنجي گناهن کان توبهه ڪئي ته ان کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ان جي دل تان وزن لهي ويو ۽ ان کي قرار نصيب ٿي ويوآهي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهيءَ اجتماع ۾ شرڪت جي برڪت سان اهي نه صرف مدني ماحول سان وابسته ٿيون بلڪ امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سان بيعت ٿي ڪري عطّاريه به ٿي ويون. (مون مدني برقعو ڇو پاتو؟ص19)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! آقاءِ نامدار،مديني جي تاجدار صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ننڍ پڻ کان ئي هر خُوبي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، جڏهن رسول اڪرم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جواني جي عُمر تي پهتا ته انهن وصفن ۾اڃان به نِکار پيدا ٿي ويو۔ پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَمانت ۽ دِيانتداري اهڙي شاندار هئي جو جنهن جي بَدولت پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مخلوق ۾ اِنتِهائي مَقبُولِيت حاصِل ٿي ۽ الله تعاليٰ پاڻ ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عَقلِ سَلِيم ۽ بي مِثل دانائي جو عظيم جَوهر عطا فرمايو، جيئن جڏهن تَعميرڪعبَه جي وَقت حَجرِ اَسوَد کي نَصب ڪرڻ جي مُعَامَلي ۾ عَرَب جي وڏن وڏن سَردارن ۾ جھيڙو ٿي پيو ۽ قَتل و غارَت گري تائين نوبت وڃي پهتي ته رسول اڪرم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي جھيڙي جو اهڙو لاجواب فيصلو ڪيو جو وڏا وڏا دانشورن ۽ سردارن سندن فيصلي جي عظمت اڳيان ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو ۽ سڀئي پُڪاري اٿيا ته والله هي اَمِين آهن ۽ اسان ان جي فيصلي تي راضي آهيون۔ اچو! اوهان به اهو واقِعو ٻڌون ۽ ان مان حاصِل ٿيندڙ مَدَني گل چونڊيون،

والله هي اَمين آهن!

 جڏهن مڪي مَدَني سُلطان،رَحمتِ عالميان صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عُمرِ مُبارَڪ پنجٽيھ (35) سالن جي هئي ته زوردار برسات سان حرمِ ڪعبه ۾ اهڙو