Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

سيلاب آيو جو ڪعبي جي عمارت بلڪل ڊهي ويئي. عَمَالِقَه، قَبيلهء جُرْهم ۽ قُصَي وغيره پنهنجي پنهنجي وقت ۾ ڪعبي جي تعمير ۽ مرمت ڪندا رهندا هئا پر جيئن ته عمارت هيٺاهين زمين ۾ هئي ان ڪري جبلن تان وهندڙ برساتي پاڻي تيزي سان مڪي جي وادي مان ٿي گزرندو هو ۽ اڪثر حرمِ ڪعبه ۾ سيلاب اچي ويندو هو. ڪعبي جي حفاظت جي لاءِ مٿاهين حصي ۾ قريشن ڪيترائي بند به ٻڌيا هئا پر اهي بند بار بار ٽُٽي ويندا هئا. انڪري قريشن اِهو فيصلو ڪيو ته عمارت کي ڊاهي پوءِ ڪعبي جي مضبوط عمارت ٺاهي وڃي جنهن جو دروازو مٿي هجي ۽ ڇت به هجي. (سيرة حلبية، باب بنيان قريش الڪعبة... الخ،۱/ ۲۰۴ ملخصاً) اهڙي طرح قريشن ملي ڪري تعمير جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ان تعمير ۾ حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ به شريڪ ٿيا ۽ قريشن جي سردارن سان گڏجي پٿر کڻي ايندا رهيا مختلف قبيلن تعمير جي لاءِ مختلف حصا پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيا. جڏهن عمارت ”حَجَرِ اَسْوَد“ تائين پهتي ته قبيلن ۾ سخت جهڳڙو ٿي ويو. هر قبيلي اِهو چاهيو ٿي ته اسان ئي ”حَجَرِ اَسْوَد“ کي کڻي ديوار ۾ لڳايون. ته جيئن اسان جي قبيلي جي لاءِ اعزاز جو باعث بڻجي وڃي. هِن جهيڙي ۾ چار ڏينهن گذري ويا ايستائين جو نوبت تلوارن تائين پهچي ويئي ڪجهه قبيلن ته ان تي جان جي بازي لڳائي ڇڏي ۽ جاهليت جي زماني جي مطابق پنهنجي قسمن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ هڪ پيالي ۾ رت ڀري پنهنجو آڱريون ان ۾ ٻوڙي چٽي ڇڏيون. پنجين ڏينهن حرم ڪعبي ۾ عرب جا تمام قبيلا جمع ٿيا ۽ ان جهڳڙي کي طئي ڪرڻ جي لاءِ هڪ وڏي پوڙهي شخص هيءَ تجويز پيش ڪئي ته سڀاڻي جيڪو شخص صبح سوير سڀ کان پهرين حرمِ ڪعبه ۾ داخل ٿيندو انهن کي سردار مڃيو ويندو. اُهي جيڪو فيصلو ڪندا سڀ ان کي تسليم ڪندا. اهڙي طرح سڀني اُها ڳالهه مڃي ورتي. خدا عَزَّوَجَلَّ جو شان جيڪو شخص صبح جو حرم ڪعبي ۾ داخل ٿيو اهو حضوررحمت عالم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ئي هئا. پاڻ ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ