Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

ڏينهن کان پوءِ ان جو ذڪر ڪيو ته ميسره ٻڌايو ته آئون پوري سفر ۾ اهو ئي منظر ڏسندو رهيو آهيان. ۽ ان کان سواء مون تمام عجيب ۽ غريب ڳالهين جو مشاهدو ڪيو آهي. پوءِ ميسره نسطورا راهب جون ڳالهيون ۽ ان جي عقيدت ۽ محبت جو تذڪرو به ڪيو. اهو ٻڌي حضرت بيبي خديجه رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهَا کي پاڻ ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان نڪاح جي خواهش ٿي ويئي.    (مدارج النبوة ، قسم دوم ، باب دوم،۲/ ۲۷ملخصاً)

پيغامِ نڪاح

حضرت بيبي خديجه رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهَا نهايت شريف ۽ پرهيزگار خاتون هئي. مڪي وارا ان کي پاڪ دامني ۽ پارسائي جي ڪري ان کي طاهره چوندا هئا. وڏا وڏا قريش جا سردار ان سان نڪاح جا خواهش مند هئا پر انهن سڀني پيغامن کي ٺڪرائي ڇڏيو. پر حضور اقدس صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پيغمبرانه اخلاق ۽ عادات کي ڏسي ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حيرت انگيز حالتن کي ٻڌي ايستائين ان جي دل حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڏانهن مائل ٿي وئي جو خود بخود ان جي دل ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان نڪاح جي خواهش پيدا ٿي ويئي.  پوءِ پاڻ رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهَا حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڦڦي حضرت صفيه رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهَا کي گهرايو، ان کان حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪجهه ذاتي حالتن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي پوءِ حضرت سَيدَتُنا نَفِيسَه بِنْتِ اُمَيه“ جي ذريعي خود ئي حضورانور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڏانهن نڪاح جو پيغام موڪليو ـ

مشهور سيرت نگار حضرت امام ابن اسحٰق لکيو آهي ته ان رشتي پسند ڪرڻ جي جيڪا وجه حضرت سيدتُنا خَديجه رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهَا خود حضور انور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان بيان ڪئي آهي ته مون پاڻ سڳورن صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اوهان جي سٺي اخلاقن ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سچائي جي ڪري پسند ڪيو. (شرح زرقاني ، تزوجه من خديجة ،۱ / ۳۷۰۔۳۷۴ملخصاً)