Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

تِرا خُلْق سب سے بالا تِرا حُسْن سب سے اعلیٰ                                                            فِدا تُجھ پہ سب زمانہ مَدَنی مدینے والے

مَحبوبِ ربِّ اَڪبَر صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان رشتي کي پنهنجي چاچي ابو طالب ۽ خاندان جي ٻين وڏن بزرگن جي سامهون پيش فرمايو. سڄي خاندان وارن نهايت خوشيءَ سان ان رشتي کي قبول ڪيو. ۽ نڪاح جي تاريخ مقرر ٿي ۽ حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت حمزه رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهُ وغيره پنهنجي چاچن ۽ خاندان جي ٻين ماڻهن ۽ شرفاء بني هاشم ۽ سردار مضر کي پاڻ سان گڏ ڪري حضرت بيبي خديجه رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهَا جي گهر تشريف وٺي ويا ۽ نڪاح ٿيو. ان نڪاح جي وقت ابو طالب نهايت ئي فصيح ۽ بليغ خطبو پڙهيو. (شرح زرقاني، تزوجه عليه السلام من خديجة،۱/،۳۷۵،۳۷۶ملخصاً) جنهن جو ترجمو آهي ته :

  تمام تعريف ان خدا جي لاءِ آهن جنهن اسان کي حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جي نسل ۽ حضرت اسمٰعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جي اولاد ۾ ٺاهيو ۽ اسان کي مَعَد ۽ مُضَر جي اولاد ۾ پيدا فرمايو. ۽ پنهنجي گهر (ڪعبي) جو نگهبان ۽ پنهنجي حرم جو منتظم بڻايو ۽ اسان کي علم ۽ حڪمت وارو گهر ۽ امن وارو حرم عطا فرمايو ۽ اسان کي ماڻهن تي حاڪم بڻايو، هي منهنجي ڀاءُ جو فرزند(پٽ) محمد بن عبدالله ( صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) آهي. هي هڪ اهڙو جوان آهي جو قريش جي جنهن شخص سان به اِنهن جو موازنو ڪيو وڃي ته هي ان کان هر شان ۾ وڌيل ئي رهندو. ها مال ان وٽ گهٽ آهي پر مال ته هڪ لهندڙ ڇانوَ ۽ ادل بدل ٿيڻ واري شيء آهي. منهنجو ڀائٽيو محمّد صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهو شخص آهي جنهن سان منهنجي لاڳاپي ۽ محبت کي توهان چڱي طرح ڄاڻيو ٿا. هو خَدِيجه بنتِ خُوَيلَد رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهَا سان نڪاح ڪري ٿو ۽ منهنجي مال مان ويھ اُٺ مهر مقرر ڪري ٿو ۽ انهن جو مستقبل تمام روشن، عظيم الشان ۽ جليل القدر آهي. (شرح زرقاني، تزوجه عليه السلام من خديجة،۱/ ۳۷۶ ملخصاً ومدارج النبوة ، قسم دوم ، باب دوم ،۲/۲۸) ان کان بعد حضرت سَيدَتُنا بي بي خَدِيجه رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهَا جي چاچي زاد ڀاءُ (سوٽ) وَرَقَه بِن نَوْفَل به