Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

وَسَلَّمَ ملڪ شام جي مشهور شهر ”بصريٰ“ جي بازار ۾پهتا ته ”نَسطورا“ راهب جي خانقاھ جي ويجهو ترسيا. “نسطورا” ميسره کي پهرين کان ڄاڻندو سڃاڻيندو هو. حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صورت ڏسندي ئي ”نَسطورا“ ميسره وٽ آيو ۽ پڇيائين ته اي ميسره! هي ڪير شخص آهن جيڪي هِن وڻ جي هيٺ اچي ويٺا آهن. ميسره جواب ڏنو ته اِهي مڪي جا رهڻ وارا آهن ۽ بنو هاشم خاندان سان تعلق آهي. اِنهن جو نالو ”محمّد“ ۽ لقب ”امين“ آهي. نسطورا چيو سواءِ نبي جي اڄ تائين هن وڻ جي هيٺ ڪير به ناهي ويٺو. ان ڪري مون کي يقين ڪامل آهي ته ”نبيّ آخرالزّمان صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ “ اهو ئي آهن، ڇو ته آخري نبي جون تمام نشانيون جيڪي مون توريت ۽ انجيل ۾ پڙهيون آهن اُهي سڀ آئون هِن ۾ ڏسي رهيو آهيان، ڪاش آئون اُن وقت زندھ رهان جڏهن اهي پنهنجي نبوت جو اعلان ڪندا ۽ آئون انهن جي ڀر پور مدد ڪريان ۽ پوري جان نثاري سان انهن جي خدمت گزاري ۾ پنهنجي سڄي عمر گزاري ڇڏيان. اي ميسره! توکي نصيحت ۽ وصيت ڪريان ٿو ته خبردار! هڪ گهڙي جي لاءِ به تون ان کان جدا نه ٿجان ۽ تمام عقيدت ۽ خلوص سان هِنن جي خدمت ڪندو رهجان ڇو ته الله تعاليٰ انهن کي ”خَاتَمُ النَّبِيين“ (يعني آخري نبي ٿيڻ )جو شرف عطا فرمايو آهي ـ

حضور اقدس صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بصريٰ جي بازار ۾ تمام جلدي تجارت جو مال وڪرو ڪري مڪي واپس موٽي آيا، واپسي ۾ جڏهن سندن قافلو شهر مڪي ۾ داخل ٿيڻ لڳو ته حضرت بيبي خديجه رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهَا ڇِت تي ويهي قافلي جي اچڻ جو منظر ڏسي رهي هئي. جڏهن ان جي نظر حضور اقدس صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي پئي ته انهن کي ائين نظر آيو ته ٻه فرشتا پاڻ ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مٿانهون اُس کان ڇانوَ ڪيو پيا اچن. حضرت خديجه رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهَا جي دل تي ان نوراني منظر جو هڪ خاص اثر ٿيو ۽ هوءَ عقيدت، احترام ۽ تمام گهڻي محبت سان هي حسين جلوو ڏسندي رهي. پوءِ پنهنجي غلام ميسره سان انهن گهڻن