Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

کان به اَفضل هجي؟ صَحابَه ڪرام رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهمْ اَجْمَعِين عَرض ڪيو: يارَسُولَ الله
 صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ!، ڇو نه۔ اِرشاد فرمايائون: پاڻ ۾ صُلح ڪرائڻ۔ (ابوداود،ڪتاب الادب،باب في اصلاح ذات البين،۴/ ۳۶۵، حديث: ۴۹۱۹) البت ياد رکو! مُسلمانن ۾ اهو ئي صُلْح ڪرائڻ جائز آهي جيڪو شَرِيعَت جي دائري ۾ هجي۔ اهڙو صُلح جيڪو حَرام کي حَلال ۽ حَلال کي حرام ڪري ڇڏي اهو جائز نه آهي، جيئن ته حضرت سَيدُنا ابُو هرَيرَه رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْه کان رِوَايت آهي، حُضورِ اَقدَس صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: مُسلمانن جي وچ ۾ صُلْح ڪرائڻ جائز آهي پر اهو صُلح (جائز ناهي) جيڪو حَرام کي حَلال يا حَلال کي حرام ڪري ڇڏي۔ (ابوداود، ڪتاب الاقضية، باب في الصلح ،۳/۴۲۵، حديث :۳۵۹۴) مَشْهور مُفَسِّرِقُرآن، حڪيمُ الاُمَّت مُفتِي اَحمد يار خان نَعِيمي
رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه هن حديثِ پاڪ جي تَحت فرمائن ٿا: مثال طور زَوجَين (زال مڙس) ۾ اهڙي طرح صُلح ڪرايو وڃي جو خاوند (مڙس کي) ان عَورَت جي سَوڪن (پنهنجي ٻي زال) وٽ نه ويندو يا مُسَلمان مَقرُوض ايتري مقدار ۾شراب ۽ وياج پنهنجي غير مُسلِم قَرْض خَواه کي ڏيندو۔ پهرين صُورت ۾ حَلال کي حرام ڪيو ويو، ٻي صُورت ۾ حَرام کي حَلال، ان قِسَم جا صُلح حَرام آهن جن کي ٽوڙڻ واجِب آهي۔    (مرآة المناجيح، ۴/۳۰۳ )

دُنیا کے جھگڑے خَتْم ہوں اور مُشکلیں ٹَلیں                                                                   صَدَقہ حَسَن حُسَیْن کا یا ربِّ مُصْطَفٰے

(وسائل بخشش مرمم،ص۱۳۰)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته مُسلمانن جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ ڪيتري قَدَر مُبارَڪ عمل آهي جو حديثِ پاڪ ۾ ان کي دَرَجي ۾ روزو، نماز ۽ زڪوٰة کان به اَفضل فرمايو ويو آهي۔ اي ڪاش! اهو دور به اچي ته اسان به مُسلمانن ۾ صُلح ڪرائڻ وارا بڻجي وڃون۔ شَيخِ طَرِيقَت،اَمِيرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه تي قُربان، جو پنهنجن سُنّتن ڀري بَيانن، مَدَني مُذاڪرن ۽ تَصنِيف ۽ تَالِيف