Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عَقلِ مُبارَڪ جي مُقَابَلي ۾ اهڙو ئي آهي جيئن سڄي دُنيا جي ريگستانن جي سامهون هڪ ذَرَّو۔ بيشڪ حضرت سَيدُنا نُورِ خُدا،مُحمدِ مُصطَفٰي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو عَقل ۽ رائي تمام ماڻهن کان وڌيڪ رَاجِح (بهتر) ۽ اَفضل آهي۔ (اللّٰه والوں کی باتيں،۴/۴۲) 

 (2) ٻيو مَدَني گل هي مليو ته بي چين دِلين جي چَين، رَحمتِ دارَين، تاجدارِ حَرَمَين صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مَظلومن جا همدرد ۽ غم خوار ۽ انهن جا حامِي ۽ مَدَدگار هئا، جڏهن مَظلومن جي حق ۾ ”حِلفُ الفُضُول“ جو مُعَاهدَو طئي ٿيو ته پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ خُوش ٿي فرمايائون: ”ان معاهدي سان مون کي ايتري خوشي ٿي جيڪڏهن ان معاهدي جي بدلي ۾ ڪير مون کي ڳاڙها اٺ به ڏئي ها ته مون کي ايتري خوشي نه ٿئي ها.۔“ تنهنڪري اسان کي کپي ته اسان به مَظلومن جي ڏُک دَرد کي سمجھون، انهن جو سَهارو بڻجون، انهن سان همدردي ڪريون، انهن جي داد رَسي ڪريون ۽ پنهنجي طاقت (Authority) جي مطابِق ظالِم کي ظُلم کان روڪيون۔ خُوش نصيب آهن اهي مُسَلمان جيڪي مَظلومن جي مَدَد ڪن ٿا، اهڙن جي لاءِ رَبِّ غَفَّار عَزَّوَجَلَّ جي طرفان بخشش جي خُوش خَبَري آهي، جيئن:

حُضور سَراپا نُور،شَافِعِ يومُ النُّشُور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فَرمانِ خُوش گَوار آهي: جيڪو ڪنهن مَظلوم جي فرياد رَسي ڪري، الله تعالي ان جي لاءِ ٽيهتر (73) مَغفِرَتون لکندو، انهن جي هڪ مان ان جي سمورن ڪمن جي دُرُستِي ٿي ويندي ۽ ٻهتر (72) سان قِيامَت جي ڏينهن ان جا دَرَجا بُلند ٿيندا۔ (شعب الايمان، باب في التعاون علي البر والتقوي، حديث: ۷۶۷۰،۶/۱۲۰) هڪ ٻي هنڌ تي اِرشاد فرمايائون: جيڪو ڪنهن مَظلوم سان ان جي مَدَد ڪرڻ هلي ته الله تعاليٰ ان کي ان ڏينهن ثابِت قَدَمي عَطا ڪندو جنهن ڏينهن قَدَم ٿِڙي رهيا هوندا۔ (حلية الاولياء، مالڪ بن انس، ۶/۳۸۳، حديث: ۹۰۱۲)

بروزِ قِیامت ہو ایسی عِنایت                                   رَہوں پُل پہ ثابِت قدم یاالٰہی

(وسائل بخشش مرمم،ص111)