Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

وَسَلَّمَ کي ڏسندي ئي سڀئي چوڻ لڳا ته والله هي ”اَمين“ (Trustworthy) آهن تنهنڪري اسان سڀ ان جي فيصلي تي راضي آهيون. پاڻ ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جهڳڙي جو هيئن فيصلو فرمايو پهرين پاڻ حڪم ڏنائون ته جنهن جنهن قبيلي جا ماڻهو حجر اسود کي ان مقام تي رکڻ جا دعويدار آهن انهن جو هڪ هڪ سردار چونڊيو وڃي. جيئن ته هر قبيلي وارن پنهنجو پنهنجو سردار چونڊي ورتو. پوءِ حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي چادر مبارڪ کي وڇائي حجر اسود کي ان تي رکيو ۽سردارن کي حڪم ڏنو ته سڀئي ماڻهو هن چادر مبارڪ کي جهلي مقدس پٿر کي کڻو. ته سڀني سردارن چادر کي کنيو ۽ جڏهن حجر اسود پنهنجي مَقام تي پهچي ويو ته حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مبارڪ هٿن سان ان مقدس پٿر کي کڻي ان جي جاءِ تي رکيو. اهڙي طرح هڪ وڏي خوني لڙائي ٽري وئي جنهن جي نتيجي ۾ خبر ناهي ڪيترو خون خرابو ٿئي ها۔                                           

                                              (سيرة ابن ھشام ، حديث بنيان الڪعبة ...الخ، ص۷۹)

تُو ہی اَنبیا کا سَروَر تُو ہی دو جہاں کا یاوَر                   تُو ہی رَہبرِ زَمانہ مَدَنی مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

دارُالاِفتاء اَهلسنَت

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته جواني ۾ اسان جا آقا و مَوليٰ، اَحمدِ مجتبيٰ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فَهم ۽ فِراست ۽ فَيصَلو ڪرڻ جي صَلاحِيت ۽ قُوَّت ڪيتري قَدَر اَرفَع ۽ اَعليٰ هئي جو جڏهن مختلِف قَبيلن جي وچ ۾ ڪنهن ڳالھ تي ناراضي ٿئي ۽ مُعَامَلو حَل ٿيڻ جي ڪا صُورت به نظر نه اچي ته آخرڪار مُعَامَلو عَدالتِ مُصطَفٰي ۾ ايندو هو جيئن ته پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مُعَامَلي جي نَوعِيت کي ڏسندي اهڙو مُتَاثِّر ڪن ۽ حَق تي مُشتَمِل فَيصَلو فرمائيندا هئا جنهن کي سڀئي ماڻهو خُوشي خُوشي قَبُول ڪندا