Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

     (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ڇڙٻ ڏيڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ پست آواز سان جواب ڏيندَس ٭ اجتماع کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔ دورانِ بيان موبائل جي غير ضروري استعمال کان بچندَس، نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي، جيڪو ڪجهه ٻڌندَس، ان کي ٻڌي ڪري، سمجهي ڪري ان تي عمل ڪري ان کان پوءِ ٻِين تائين پهچائي ڪري نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جڏهن حُضورِ اَقدَس صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ننڍپڻ جو زَمانو خَتم ٿيو ۽ جَواني جو مُبارَڪ زَمانو آيو ته ننڍپڻ جيان پاڻ ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جَواني به عام ماڻهن کان نِرَالي هئي۔ اِعلانِ نَبُوَّت کان پهريان به حُضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سڄي زِندگي بهترين اَخلاق ۽ عادتن جو خَزانو هئي۔ سچائي، دِيانت داري، وَفاداري، وَعدي جي پابندي، بُزرگن جي عَظمت، ننڍن تي شَفقَت، رِشتيدارن سان مَحَبَّت، رَحم ۽ سَخاوت، قَوم جي ڪم