Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat
غاصب(زبردستي حق ڇنڻ واري) کي مڪي ۾رهڻ نه ڏينداسين. (سيرت مصطفے،ص۸۹)
ان معاهدي (Agreement) ۾ شريڪ ڪيئي ماڻهن جو نالو ”فضل“ هو، انڪري ان معاهدي جو نالو ”حلف الفضول“ رکيو ويو، يعني انهن ڪجھ ماڻهن جو معاهدو جن جا نالا ”فضل“ هئا، (سيرت هشام،۱/ ۲۹۷ملخصاً) ان معاهدي ۾ حضوراقدس صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ به شريڪ ٿيا ۽ کين هي معاهدو ايتري قدر عزيز هو جو اعلانِ نبوت کان پوءِ پاڻ سڳورا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائيندا هئا ته ان معاهدي سان مون کي ايتري خوشي ٿي جيڪڏهن ان معاهدي جي بدلي ۾ ڪير مون کي ڳاڙها اٺ به ڏئي ها ته مون کي ايتري خوشي نه ٿئي ها. ۽ اڄ اسلام ۾ به جيڪڏهن ڪو مظلوم مون کي مدد جي لاءِ سڏي ته آئون ان جي مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيان.
(سيرة نبوية لابن ھشام،حرب الفجار، ص۵۶مفهوماً)
کہوں کِسْ سے آہ! جا کر سُنے کون میرے سَروَر مِرے دَرْد کا فَسانہ مَدَنی مدینے والے
مجھے آفَتوں نے گھیرا، ہے مُصیبتوں کا ڈیرا یانَبِی مَدَد کو آنا مَدَنی مدینے والے
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بَيان ڪيل واقِعي مان اسان کي ڪجھ مَدَني گل حاصِل ٿيا (1) پهريون مَدَني گل هي مليو ته جَواني ۾ به تاجدارِ نَبُوَّت، مالِڪ ڪوثَر و جَنَّت صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عَقل ۽ دَانائي جو هي عالَم هو جو خاندانِ قُرَيش جا وڏا وڏا سَردار پنهنجي اَهمّ تَرِين مَشوَرن ۽ مُعَاهدن ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي به شريڪ ڪندا هئا۔ پنهنجي هر صِفَت ۾ بَاڪمال، مَحبوبِ ربِّ ذُوالجَلال صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عَقلِ باڪمال جو شان ۽ عَظمت مَرحَبَا جو جَلِيلُ القَدر تابِعي بُزرگ حضرت سَيدُنا وَهب بن مُنَبِّه رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: مون 71 صَحائِف (آسماني ڪتابن) جو مُطَالَعَو ڪيو ته انهن سڀني ۾ هي (لکيل) ڏٺو: الله عَزَّ وَجَلَّ دُنيا جي ابتداء کان فَناءِ دُنيا تائين تمام ماڻهن کي جيڪو عَقل عطا ڪيو آهي، اهو نُورِ خُدا، مُحمدِ مُصطَفٰي صَلَّى الله تَعَالٰى