Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

ٿيون؟ ڇا اسان هميشه سچ ڳالهيون ٿيون؟ ڇا اسان اَمانت دار آهيون؟ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ حُسنِ اَخلاق جي پيڪر، تمام نبين جي سَروَر صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَخلاقِ

ڪرِيمانه ته ايتري قَدَر عُمده هئا جو سندن شان ۽ عظمت کي قرآنِ ڪرِيم جي سيپاري 29سُوْرَهء قَلَم جي آيت نمبر 4 ۾ هيئن بَيان فرمايو ويو آهي:

وَ اِنَّكَ لَعَلٰى خُلُقٍ عَظِیْمٍ(۴)(سيپاري:۲۹، القلم:۴)

          تَرجَمَو ڪنز الايمان: ۽ بيشڪ تون نهايت عظيم اخلاق جو مالڪ آهين۔

اسان جي پياري آقا، مديني واري مُصطَفٰي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي بِعثت جو مَقْصَد ۽ حُسْنِ اَخلاق جي اَهمِّيت واضِح ڪندي اِرْشاد فرمايائون: بُعِثْتُ لِاُتَمّمَ حُسْنَ الْاَخْلَاقِ يعني مون کي اَخلاق جي حُسن ۽ خُوبيءَ کي مُڪمَّل ڪرڻ جي لاءِ ئي موڪليو ويو آهي۔([1])

تِرے خُلْق کو حَقْ نے عظیم کہا تِر ی خِلْق کوحق نے جمیل کِیا

 

کوئی تُجھ سا ہُوا ہے نہ ہوگا شَہا! تِرے خالِقِ حُسن واَدا کی قسم

 (حدائق بخشش،ص۸۰)

شعر جي مختصر وضاحت: يارسُولَ الله صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! الله عَزَّ وَجَلَّ اوهان جي مُبارَڪ عادتن کي قرآنِ ڪريم ۾ عظيم فرمايو ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وِلادتِ باسَعادت کي به خوبصورتي بخشي، سندن حُسن ۽ پياري پياري ادائن کي پيدا ڪرڻ واري رَبّ عَزَّوَجَلَّ جو قسم! پاڻ ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جهڙو حَسِين ۽ جَمِيل نه پهريان ڪڏهن ٿيو ۽ نه آئنده ٿي سگھي ٿو۔

لهٰذا تمام مُسلمانن خُصوصاً نوجوانن کي کپي ته اهي پاڻ ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سِيرت کي پنهنجي لاءِ مَشعَلِ راھ بڻائيندي دِيانت داري، حُسنِ اَخلاق ۽ سچائي جهڙي پاڪيزه خُوبين کي پنهنجي زِندگي جو حِصَّو بڻايون، ڇاڪاڻ ته جيڪو ان خُوبين سان مُزَين ٿي وڃي ته ان جي دنيا ۽ آخرت بهتر ٿيندي ويندي آهي. جڏهن ته ان جي بَرعڪس خِيانت يعني ڌوڪي بازي، بَداَخلاقي ۽ ڪوڙ


 



[1]… مؤطا امام مالک،کتاب حسن الخلق، باب ماجاء فی حسن الخلق،۲/۴۰۴،حدیث:۱۷۲۳