Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

Book Name:Sarkar ﷺ ki Jawani Ke Waqeaat

بيهي هڪ شاندار خطبو پڙهيو. جنهن جو مضمون هي آهي:

خدا جي لاءِ حمد آهي جنهن اسان کي اهڙو ئي ٺاهيو جهڙو اي ابو طالب! توهان ذڪر ڪيو ۽ اسان کي اهي تمام فضيلتون عطا فرمايون آهن، جهن کي توهان شمار ڪيو. بيشڪ اسان عرب جا پيشوا ۽ سردار آهيون ۽ توهان به تمام فضيلتن جا اهل آهيو. ڪوبه قبيلو توهان جي فضيلتن جو انڪار نٿو ڪري سگهي ۽ ڪو به شخص توهان جي فخر ۽ شرف کي رد نٿو ڪري سگهي، بيشڪ اسان نهايت ئي رغبت سان توهان سان گڏ ملڻ ۽ رشتي ۾ شامل ٿيڻ کي پسند ڪيو. تنهنڪري اي قريش! توهان گواهه رهجو ته خَدِيجه بِنْتِ خُوَيلَد رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهَا کي چار سو(400)مثقال مهر جي بدلي محمّد بن عبدالله رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْه جي زوجيت ۾ ڏنو۔  (شرح زرقاني،تزوجه عليه السلام من خديجة،۱/ ۳۷۷)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته دورِ جواني ۾ اسان جي آقا ۽ مَوليٰ، اَحمدِ مجتبيٰ، محمدِ مُصطَفٰي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَمانت داري، سچّائي ۽ چڱن اَخلاق جي ڪيتري قَدَر ڌُوم ڌام هئي، جو پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن عُمدَه ترين خُوبين جي سبب پنهنجي پرائي، عَوَام ۽ خَوَاص سَڀني ۾ صادِق ۽ اَمِين جي لَقَب (Title) سان سڃاتا ويندا هئا، پاڻ ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دِيانت داري، سچّائي ۽ سٺي اَخلاق جو فَيضان ئي ته هو جو حضرت سَيدَتُنا خَدِيجة الڪبريٰ رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْها بِلا خَوْف ۽ خَطَري جي پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجو تِجارَتي سامان وڪڻڻ جي لاءِ ڏينديون هيون، پاڻ سڳورن صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دِلرُبا مَدَني اَدائن حضرت سَيدَتُنا خَدِيجة الڪبريٰ رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهَا جهڙي پاڪ دامَن خاتون جي دِل کي ڇڪي ورتو ايستائين جو پاڻ حُضورِ اَنوَر صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان نِڪاح ڪري اُمُّ المُؤمنِين جي شاندار شَرَف سان سَرفَراز ٿي ويون۔

 

 اچو! اسان به غَور ڪريون ته ڇا اسان حُسْنِ اَخلاق جو مظاهرو ڪريون