Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان وهم ۽ بدشگوني جي حوالي سان جيڪو بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي ان مان اسان کي ڪجھ مدني گل حاصل ٿيا، مثال طور

ڪنهن شخص، هنڌ، شيء، مهينو، سال، وَقت يا تاريخ کي منحوس سمجھڻ جو اسلام ۾ ڪو تصوُّر ناهي ڇوته اصل نحوست ته گناهن ۾ آهي۔

   بدشگوني وٺڻ شيطاني ڪم ۽ سٺو شگون وٺڻ مستحب ڪم آهي۔

   بَدشگوني هڪ عالمي بيماري آهي،مختلف ملڪن(Countries) ۾ رهڻ وارا ماڻهو مختلف شين مان بدشگوني وٺندا آهن۔

   بَدشگوني انسان جي لاءِ دِيني ۽ دُنيوي اعتبار سان گهڻي خطرناڪ آهي۔

  صفر جي مهيني يا ان جي آخري اربع کي منحوس سمجھڻ، تارن جي اثرات تي يقين رکڻ ۽ نجومين وٽ وڃڻ خلافِ شرع ڪم آهي، حقيقت جو ان کان ڪو تعلق ناهي۔

بزرگ سڳورا تارن جي تاثير جا بلڪل به قائل نه هئا، تنهنڪري اهي حضرات جنهن ڪم جو ارادو ڪندا هئا ان کي پايه تڪميل تائين پهچائي ئي ڇڏيندا هئا۔

    الله عَزَّوَجَلَّ اُمِ عطار جي طفيل اسان کي وهم ۽ بدشگوني جي آفت کان محفوظ فرمائي۔    اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان