Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

ٿيندو ته ان جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جي اتي به تشهير ۽ نيڪ نامي ٿيندي۔ ٭مدني درس جي برڪت سان اميرِ اهلسنّت جي مختلف ڪتابن ۽ رسالن جو تعارف عام ٿيندو۔

                            جو دے روز دو درسِ فیضانِ سنّت

میں دیتا ہوں اس کو دُعائے مدینہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

منقول آهي ته الله عَزَّ وَجَلَّ حضرت سيدُنا مُوسيٰ ڪلِيمُ اللهعَلٰى نَبِينَاوَعَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام ڏانهن وَحي فرمائي: اي مُوسيٰ! ڀلائي جون ڳالهيون پاڻ به سکو ۽ ماڻهن کي به سيکاريو ڇوته مان ڀلائي سکڻ سيکارڻ وارن جون قبرون روشن ڪندس ته جيئن انهن کي ڪنهن قسم جي وَحشت نه ٿئي۔ (حليۃ الاولياء،ڪعب الاحبار، ۶/۵ ،رقم:۷۶۲۲)

اچو! مدني درس جي هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌو ۽ خوش ٿيو۔ جيئن

گانن باجن جو شوقين

هڪ اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مشڪبار مَدَني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان اڳ ۾ الله عَزَّ وَجَلَّ جي ناراضگي وارن ڪمن ۾ زندگي جا انمول ڏينهن برباد ڪري رهيو هو۔ فلمون ڊراما ڏسڻ ۽ گانا باجا ٻڌڻ جو گهڻو شوقين هو۔ جيڪڏهن سفر تي وڃڻو پوندو هو ته اهڙي بس ۾ ويهڻ پسند ڪندو هو جنهن ۾ فلمون ۽ گانا وغيره هلندا هجن، ان جي زندگي ۾ سُنَّتن جي مدني بهار اهڙي طرح ظاهر ٿي جو هڪ ڏينهن عشاء جي نماز پڙھڻ مسجد ۾ وڃڻ ٿيو۔ نماز کان بعد هڪ مبلغِ دعوتِ اسلامي وڏي پياري انداز ۾ مدني درس ڏيڻ شروع ڪيو، هي به ويجھو وڃي ويهي رهيو ۽ غور سان درس ٻڌڻ لڳو، فيضانِ سُنَّت جو درس ٻڌي هو ان اسلامي ڀاءُ کان ايتري قدر مُتاثر ٿيو جو باقاعدگي سان مدني درس ۾ شرڪت ڪرڻ سندن معمول بڻجي ويو۔ ربيعُ الاَوَّل