Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

 

مَنحُوس(نڀاڳو) ڪير؟

  هڪ بادشاھ ۽ ان جا ساٿي جهنگل (Forest) ڏانهن وڃي رهيا هئا۔ صبح جي وقت گھوڙن جي ڊڪڻ جو آواز صاف ٻڌڻ پئي آيو، جن کي ٻڌندي ئي اڪثر واٽ ويندڙ رستي تان هٽي ويندا هئا ڇوته بادشاھ سلامت شڪار لاءِ ويندي ڪنهن جو رستي تي هلڻ پسند نه ڪندو هو۔ بادشاھ ۽ ان جي ساٿين جون سواريون وڏي شان ۽ شوڪت سان شهر مان گذري رهيون هيون، جيئن ئي بادشاھ شهر جي فصيل (يعني چوديواري) جي ويجھو پهتو ته ان جي نگاھ سامهون ايندڙ هڪ اک واري شخص تي پئي، جيڪو رستي تان هٽڻ بدران وڏي بي نيازي سان اچي رهيو هو۔ ان کي سامهون ايندي ڏسي بادشاھ ڪاوڙ مان رڙ ڪئي: اف! اها ته وڏي بدشگوني آهي۔ ڇا ان بدبخت ڪاڻي کي خبر ناهي ته جڏهن بادشاھ جي سواري گذرندي هجي ته رستو ڇڏي ڏبو آهي، پر انهيءَ منحوس(نڀاڳي) ڪاڻي اسان جو رستو ٽپي وڏي نحوست جو ثبوت ڏنو آهي۔ بادشاه سپاهين ڏي ڏٺو ۽ ڪاوڙ مان چيائين اسان حڪم ڪيون ٿا ته انهيءَ ڪاڻي شخص کي انهن ٿنڀن سان ٻڌو وڃي ۽ اسان جي موٽڻ تائين اهو شخص اتي ئي ٻڌل رهندو۔ اسان واپسي تي ان جي سزا سوچينداسين۔ سپاهين جلدي حڪم تي عمل ڪندي ان شخص کي ٿنڀن سان ٻڌي ڇڏيو، بادشاھ ۽ ان جا ساٿي تيزي سان جهنگل ڏانهن روانا ٿي ويا۔ بادشاھ جي تشويش جي برعڪس ان ڏينهن بادشاھ جو شڪار ڏاڍو ڪامياب رهيو، بادشاھ پنهنجي پسند جي جانورن ۽ پکين جو شڪار ڪيو۔ بادشاھ ڏاڍو خوش هو ڇوته اڄ ان جو ڪو هڪ نشانو به نه گسيو بلڪ جنهن به جانور کي ڏٺو ان کي شڪار ڪري ورتو۔ وزير جانورن ۽ پکين کي ڳڻيندي چيو: ”واھ! اڄ ته اوهان جو شڪارڪرڻ ڏاڍو ڀلو رهيو، ڇا نگاھ هئي ۽ ڇا ته نشانو هو!“ اهڙي طرح سان سڀئي ساٿي به