Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

کي نظرِ بد کان بچائڻ جو نسخو، مُوئي مبارڪ جون برڪتون، بدشگوني ۽

 سٺي شگون ۾ فرق، سبق ڏيندڙ حڪايتون، واقعا ۽ ٻين ڪيئي مدني گلن کي بيان ڪيو ويو آهي، تنهنڪري اڄ ئي هن ڪتاب کي مڪتبةُ المدينه جي بستي تان هدِيةً طَلَب ڪري پاڻ به ان جو مُطالَعو ڪيو ۽ ٻين کي به پڙهڻ جي ترغيب ڏياريو۔ الله عزّوَجلَّ توفيق ڏئي ته گهڻي تعداد ۾ خريدي تقسيم ڪريو دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي رِيڊ (يعني پڙهي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو ته وهم ۽ بدشگوني توڙي جو گهڻو هلاڪ ڪرڻ وارا مرض آهن پر اهڙا مرض نه آهن جيڪي لاعلاج هجن ۽ جن مان جان ڇڏائڻ نهايت دشوار هجي، تنهنڪري مايوس ٿي شيطان کي موقعو ڏيڻ بدران الله عَزَّ وَجَلَّ جي ذات ۽ ان جي رحمت تي ڀروسو ڪندي انهن جي سببن تي غور ڪريو ۽ هڪدم علاج شروع ڪريو۔ اچو! بدشگوني جي سببن (Causes) ۽ ان جي علاج جي باري ۾ ٻڌون ٿا، جيئن

بدشُگُوني جا 6 سبب ۽ اُنهن جو علاج

(1)…بدشُگُوني جو پهريون سبب اِسلامي عقيدن کان لاعلمي آهي۔ ان جو علاج هي آهي ته انسان تقدير تي اهڙي طرح عقيدو رکي ته هر ڀلائي، بُرائي الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي علمِ اَزلي جي مطابق مقدّر ڪئي آهي، جيئن ٿيڻ وارو هو ۽ جيڪو ماڻهو جيڪو ڪرڻ وارو، پنهنجي عِلم کان ڄاڻي اهو ئي لکي ڇڏيو۔ ته بَدشُگُوني دل ۾ جڳھ ئي نٿي بڻائي سگھي ڇوته جڏهن به انسان کي ڪو نقصان پهچندو ته هو اهو ذهن بڻائيندو ته هي منهنجي تقدير (Fate) ۾ لکيل هو نه اهو ته ڪنهن شيءَ جي نُحوست جي ڪري