Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

 

بَدشگوني جون صورتون

٭ ڪڏهن انڌي، منڍي، هڪ اک واري ۽ معذور ماڻهن کان ته ڪڏهن ڪنهن خاص پکي يا جانور کي ڏسي يا ان جو آواز ٻڌي بدشگوني ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن ٭ ڪڏهن ڪنهن وقت يا ڏينهن يا مهيني مان بدفالي وٺندا آهن ٭ ڪو ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ طريقيڪار ۾ نقص جي ڪنهن نشاندهي ڪئي يا ان ڪم کان رڪجڻ جو چيو ته ان مان بدشگوني وٺندا آهن ۽ چوندا آهن ته هاڻي تو دخل اندازي ڪئي آهي، ان ڪري اهو ڪم ٿي نه ٿو سگهي ٭ ڪڏهن ايمبولينس (Ambulance) جي آواز مان ته ڪڏهن فائربرگيڊ (Fire brigade) (باھ وسائيندڙ گاڏي) جي آواز مان بدشگوني ۾ مبتلا ٿيندا آهن ٭ ڪڏهن اخبارن ۾ شايع ٿيڻ وارن تارن جي حال مان پنهنجي زندگي کي غمگين ۽ پريشان ڪري ڇڏيندا آهن ٭ ڪڏهن مهمان جي وڃڻ کان پوءِ گھر ۾ ٻهاري ڏيڻ کي منحوس سمجھندا آهن ٭ ڪڏهن جُتي لاهڻ وقت جُتي جو ٻي جُتي جي مٿان اچڻ سان بدشگوني محسوس ڪندا آهن ٭ ساڄي اک ڦڙڪي ته هي يقين ڪندا آهن ته ڪا مصيبت ايندي ٭ جمعي جي ڏينهن عيد ٿئي ته موجوده حڪومت لاءِ ڳرو سمجهندا آهن ٭ ڪڏهن ٻلي جي روئڻ کي ته ڪڏهن رات جي وقت ڪتي جي اونائڻ کي منحوس سمجھندا آهن ٭ پهريون گراهڪ سامان وٺڻ کان سواءِ هليو وڃي ته دڪاندار ان کي بدشگوني سمجهندا آهن ٭ نئين ڪنوارجي گھر اچڻ تي خاندان جو ڪو ماڻهو فوت ٿي وڃي يا ڪنهن عورت کي رڳو ڇوڪريون ئي پيدا ٿين ته ان تي منحوس هجڻ جو ليبل لڳي ويندو آهي ٭ جيڪڏهن ڪا عورت اميد سان هجي ته ان کي ميّت جي ويجهو ناهن اچڻ ڏيندا جو ٻار تي برو اثر پوندو ٭ جوان عورت بيوه ٿيڻ تي ان کي منحوس سمجھندا آهن، ۽ هي به سمجھندا آهن ته ٭ خالي قينچي هلائڻ سان گھر ۾ جھڳڙو ٿيندو آهي ٭ ڪنهن جو ڪنگو استعمال ڪرڻ سان