Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

صفر مهيني کي ماڻهو منحوس سمجهندا آهن ان ۾ شادي مرادي ناهن ڪندا،

ڇوڪرين جي رخصتي ناهن ڪندا، اهڙن قسمن جي ٻين ڪمن کان به پرهيز ڪندا آهن ۽ سفر ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن، خاص ڪري صفر جون ابتدائي تيرهن تاريخون تمام گھڻيون منحوس سمجهيون وينديون آهن ۽ انهن کي تيرهن تيزيون چوندا آهن، اهي سڀ جهالت جون ڳالهيون آهن۔ حديث ۾ فرمايو آهي: ”صفر ڪا شيء ناهي“ (بخاري،ڪتاب الطب،باب لاھامۃ، حديث: ۵۷۵۷، ۴/ ۳۶) يعني ماڻهن جو ان کي منحوس سمجھڻ غلط آهي۔ اهڙي طرح ذيقعده جي مهيني کي به ماڻهو ڏاڍو برو سمجھندا آهن ۽ ان کي خالي جو مهينو چوندا آهن اهو به غلط آهي ۽ هر مهيني ۾ 3، 13، 23، 8، 18، 28 (تاريخن) کي منحوس سمجهندا آهن، اها به لَغو (يعني بيڪار) ڳالهه آهي۔ (مفتي صاحب وڌيڪ فرمائن ٿا ته) صفر جو آخري اربع هندستان ۾ گھڻو ملهايو ويندو آهي، انهيءَ ڏينهن ماڻهو پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيندا آهن، سير، تفريح ۽ شڪار واسطي نڪري ويندا آهن، پوڙيون پچايون وينديون آهن ۽ وهنجندا، خوشيون ملهائيندا آهن ۽ چوندا آهن ته حضور اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهيءَ ڏينهن غسلِ صحت فرمايو هو ۽ مديني طيبه کان ٻاهر سير جي لاءِ نڪري ويا هئا۔ اهي سڀ ڳالهيون بي اصل آهن بلڪ انهن ڏينهن ۾ حضور اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو مرض وڌي ويو هو، اهي ڳالهيون خلاف واقع آهن ۽ ڪي ماڻهو هي چوندا آهن ته انهيءَ ڏينهن مصيبتون نازل ٿينديون آهن ۽ طرح طرح جون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن، سڀئي بي ثبوت آهن، بلڪ حديث جو هي ارشاد: لَاصَفَرَ يعني صفر ڪا شيء ناهي. (بخاري،ڪتاب الطب،باب لاھامۃ، حديث: ۵۷۵۷، ۴/ ۳۶) اهڙي تمام خرافات (Nonsense) کي رد ڪري ٿو۔  (بهارِ شريعت،۳/۶۵۹)

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني درس“