Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

بلڪ ڪلاڪن تائين اها خُوشبو منهنجي هٿن مان به ايندي رهي۔(تذڪرهٔ امير ِاهلسنت(قسط2)، ص۴۱ ملتقطاً)

جَبِیں مَیلی نہیں ہوتی دَہَن مَیلا نہیں ہوتا

 

غلامانِ محمد کا کفن مَیلا نہیں ہوتا

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! واقعي اُمِ عطاررَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيها ڪا عام خاتون نه هئي بلڪ الله عَزَّوَجَلَّ جي مقرب، صابره ۽ شاڪره ۽ باهمت خاتون هئي جيڪي آزمائش جي گھڙي ۾ ثابت قدم رهندي پنهنجي اولاد جي سُنّتن جي مطابق تربيت ۾ مشغول رهيون، جيڪي نمازن ۽ سُنّتن جي پاڻ به پابند هئي ۽ پنهنجن ٻارن کي به نماز پڙھڻ جي تلقين ڪندي هئي، شايد سندن اها ادا ربّ تعاليٰ کي پسند اچي وئي، ان ڪري دنيا مان پنهنجو ايمان سلامت کڻي وئي، وصال کان پوءِ چهرو به جگمگائڻ لڳو ۽ جنهن هنڌ وصال ٿيو اها جڳھ به مهڪندڙ خوشبوءَ سان مشڪبار ٿي وئي، جيڪڏهن اسان جون اسلامي ڀينرون به اُمِ عطار رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيها جي ڪردار مان سبق حاصل ڪندي ۽ نفس ۽ شيطان جي مخالفت ڪندي پنهنجي ظاهر ۽ باطن کي شريعت جي زيور سان سينگارين، فرائض ۽ واجبات جي پابندي کي لازم ڪري وٺن، جنهن نموني اهي ٻارن جي اسڪول يا ٽيوشن وڃڻ کان ڇٽي هئڻ نه ٿيون ڏين جيڪڏهن اهڙي طرح نمازن وغيره جي معاملن ۽ ضروري دِيني تعليمات جي لاءِ به ڪوشش ڪن ته ان جا دنيا ۾ به گھڻا فائدا حاصل ٿيندا ۽ آخِرت ۾ به برڪتون نصيب ٿينديون۔

17 صفر المظفر تي اُمِ عطار رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيها جو يوم عرس ملهايو ويندو آهي، جنهن کان ممڪن ٿئي اُمِ عطاررَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيها جي اِيصالِ ثواب جي لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 3 ڏينهن جي مدني قافلن ۾ سفر ڪن۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد