Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

٭ نيڪ فال سان دل کي اطمينان ۽ خوشي حاصل ٿيندي آهي جيڪا هر ڪم جي جدوجهد ۽ مڪمل ٿيڻ جي لاءِ ضروري آهي جڏهن ته بدشگوني سان بنا ڪنهن

 سبب جي ڏک ۽ فڪر پيدا ٿيندي آهي ٭ نيڪ فالي انسان کي ڪاميابي ۽ ترقي ڏانهن وٺي ويندي آهي جڏهن ته بدشگوني سان مايوسي، سُستي ۽ ڪاهلي پيدا ٿيندي آهي جيڪا ناڪامي جي طرف ڌڪي ڇڏيندي آهي۔ ”مِراٰة المناجيح“ ۾ آهي: نيڪ فال وٺڻ سنّت آهي، انهيءَ ۾ الله تعاليٰ مان اميد آهي ۽ بدفالي وٺڻ ممنوع جو انهيءَ ۾ ربّ (عَزَّوَجَلَّ) کان نا اميدي آهي۔ اميد سٺي آهي، نا اميدي بُري، هميشه ربّ ۾ اميد رکو۔(مرآۃ المناجيح، ۶/۲۵۵)

بدشُگوني مشرڪن جي پراڻي رسم آهي:

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غير مسلمانن ۾ مختلف شين مان بُرو شگون وٺڻ جي رسم پراڻي آهي ۽ انهن جا وهمي ماڻهو هر شيءَ مان اثر قبول ڪن ٿا مثال طور ڪو شخص ڪنهن ڪم لاِءِ نڪرندو هو ۽ واٽ ۾ ڪو جانور اڳيان کان گذري ويندو هو يا ڪنهن مخصوص پکي جو آواز ڪن ۾ پئجي وڃي ته هڪدم گھر واپس ايندو، اهڙي طرح ڪنهن جي اچڻ کي، بعض ڏينهن ۽ مهينن کي منحوس سمجھڻ انهن وٽ مشهور هو۔ اهڙي طرح جا تصور ۽ خيال اسان جي معاشري ۾ به گھڻا ڦهلجي ويا آهن، اسلام اهڙي طرح جي تَوَهم پرستي (وهم) جي هرگز اجازت نٿو ڏئي ۽ اسلام جتي ٻين فضول رسمن جي پاڙن کي ختم ڪيو، اتي هن بُري رسم جو به خاتمو ڪيو آهي۔ (صراط الجنان، ۳/۴۱۲) اچو! بدشگوني بابت 2 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا، جيئن

ارشاد فرمايائون: جڏهن توهان حسد ڪيو ته زيادتي نه ڪيو، جڏهن توهان کي بدگماني پيدا ٿئي ته ان تي يقين نه ڪيو ۽ جڏهن توهان کي بد شگوني پيدا ٿئي ته ان کي ڪري گذرو ۽ الله عَزَّ وَجَلَّ تي ڀروسو ڪيو۔(الڪامل في