Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

والده ماجده رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيها جو وصال ٿيو، انهيءَ مُناسبت سان انهن جو ذڪرِ خير به ٻڌون ٿا۔ جيئن ته پاڻ هڪ نيڪ ۽ پرهيزگار خاتون هئي۔ جن مڙس جي وفات جي باوجود سخت ترين معاشي آزمائشن ۾ به پنهنجن ٻارن جي اسلامي طريقي مطابق تربيت ڪئي، جنهن جو واضح ثُبوت خود اميرِ اَهلسنّتدَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي بابرڪت ذات آهي۔ پاڻ هڪ ڀيري ٻڌايو ته اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ والده محترمه جو شروع کان ئي فرضن ۽ واجبن تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جو ايتري قدر ذهن هو جو ننڍي عمر کان ئي اسان ڀيڻ ڀائرن کي نمازن جي تلقين فرمائڻ سان گڏ سختي سان عمل به ڪرائينديون هيون، خاص ڪري فجر نماز جي لاءِ اسان سڀني کي لازمي جاڳائينديون هيون۔ والده ماجده جي ان طرح تلقين ۽ تَربِيت جي بَرَڪت سان مون کي ياد نٿو پوي ته منهنجي ننڍپڻ ۾ به ڪڏهن فجر نماز رهجي وئي هجي۔

شيخِ طريقت،اميرِاَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا ته والده محترمه جو شبِ جُمُعه (جمعرات ۽ جمعي جي وچين رات) جو ميٺادر(باب المدينه ڪراچي) جي علائقي ۾ اِنتقال ٿيو۔ موت جي وَقت مون کي وڌيڪ ياد ڪري رهي هئي، ڀيڻ ٻڌايو: اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ڪلمو شريف ۽اِسْتِغفار پڙھڻ کان پوءِ زبان بند ٿي۔ خاص ڪري غُسل ڏيڻ کان پوءِ چهرو نهايت ئي رَوشن ٿي ويو۔ جنهن زمين جي حصي تي رُوح قَبض ٿيو، ان مان ڪيئي ڏينهن تائين خوشبو پئي آئي ۽ خُصوصاً رات جي ان حصي ۾ جنهن ۾ اِنتِقال ٿيو هو، مختلف قسم جي خوشبوئن جي مهڪ ايندي هئي۔ ٽيجهي(ٽين) واري ڏينهن صبح جي وَقت ڪجھ گُلاب جا گل وٺي رکيا هئا جيڪي شام تائين تقريباً تروتازه رهيا جيڪي مون پنهنجي هٿ سان والده جي قبر تي چڙھايا۔ يقين مڃو ان مان اهڙي عجيب مهڪندڙ خوشبو هئي جو مان حيران رهجي ويس، ڪڏهن گلاب جي گلن مان مون اهڙي خوشبو نه سُونگھي هئي نه هينئر تائين سونگھي آهي