Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

لاءِ هليو وڃي، هرگز نه بيهي ، نه واپس موٽي اچي۔ وَاﷲُ تعالٰي اَعْلَمُ  (فتاويٰ رضويه،۲۹/۶۴۱ ملخصاً)

         مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دِينِ اسلام اهڙي طرح جي وهم ۽ خيالن جي مذمّت ڪري ٿو جو جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿئي، تنهنڪري اسان کي اسلامي تعليمات تي عمل ڪندي بدشگوني ۽ وهم کان بچڻ گھرجي۔ اچو! هاڻي شگون جي تعريف ۽ ان جي قسمن جي باري ۾ ٻڌون ٿا۔  جيئن

شُگُون ڇا کي چئبو آهي ؟

شگون جي معنيٰ آهي فال وٺڻ يعني ڪنهن شيء، شخص، عمل، آواز يا وقت کي پنهنجي لاءِ سٺو يا بُرو سمجھڻ۔ ان جا بنيادي طور تي ٻه قسم آهن: (1) بُرو شگون وٺڻ (2) سٺو شگون وٺڻ۔ علّامه محمد بن احمد انصاري قُرطبي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تفسير قرطبي ۾ نقل ڪن ٿا: سٺو شگون هي آهي ته جنهن ڪم جو ارادو ڪيو هجي ان جي باري ۾ ڪا ڳالهه ٻڌي دليل وٺڻ، هي ان وقت آهي جڏهن ڳالهه سٺي هجي، جيڪڏهن بري آهي ته بدشگوني آهي۔ شريعت هن ڳالهه جو حڪم ڏنو آهي ته انسان سٺو شگون وٺي خوش ٿئي ۽ پنهنجو ڪم خوشي سان پورو ڪري ۽ جڏهن بري ڳالھ ٻڌي ته ان ڏانهن ڌيان نه ڏئي ۽ نه ئي ان جي ڪري پنهنجي ڪم کان بيهي۔ (تفسيرقرطبي،پ۲۶،الاحقاف،تحت الاٰيۃ:۴، ۸/۱۳۲،الجزء۱۶ مفهوماً)

بدشگوني ۽ سٺي شگون ۾ فرق       

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بدشگوني ۽ سٺي شگون ۾ فرق (Difference) به ڄاڻي  وٺو، انهن ٻنهي ۾ بنيادي فرق هي آهي ته بدشگوني وٺڻ شرعي طور تي منع ۽ سٺو شگون وٺڻ مُستَحَب آهي، ان کان سواءِ ٭ سٺو شگون وٺڻ اسان جي مَدَني آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو طريقو آهي جڏهن ته بدشگوني بدبخت ڪافرن جو طريقو آهي ٭ سٺي شگون وٺڻ سان الله عَزَّوَجَلَّ جي رحم ۽ ڪرم سان چڱائي ۽ ڀلائي جي اميد هوندي آهي جڏهن ته بدشگوني مان نا اميدي پيدا ٿيندي آهي