Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

ان کی سنَّت کا جو آئنہ دار ہے                          بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے

 (وسائلِ بخشش،ص۴۷۲)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

جُتي پائڻ بابت سُنّتون ۽ آداب

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو شيخِ طريقت، امير اهلسُنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”101 مدني گل“ مان جُتي پائڻ جا 7 مَدَني گل ٻڌون ٿا۔فرمانِ مصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم:(1) جُتي ڪثرت سان استعمال ڪيو جو انسان کي جيستائين جتي پاتل هوندي آهي ڄڻ اهو سوار آهي (يعني ٿڪاوٽ گھٽ ٿيندي) (مُسلِم ص۱۱۶۱ حديث۲۰۹۶) (2) جُتي پائڻ کان پهرين ڇنڊي وٺو ته جيئن ڪو جيت يا پٿري وغيره هجي ته نڪري وڃي (3) پهرين ساڄو جوتو پايو پوءِ کاٻو ۽ لاهڻ وقت پهرين کاٻو ۽ پوءِ ساڄو۔ نبي پاڪ، صاحب لولاڪصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان عاليشان آهي: جڏهن توهان مان ڪو جُتي پائي ته ساڄي کان ابتدا ڪري ۽ جڏهن لاهي ته کاٻي کان ابتدا ڪرڻ گھرجي ته جيئن ساڄو پير پائڻ ۾ پهرين ۽ لاهڻ وقت آخر ۾ رهي۔ (بُخاري ج ۴ ص ۶۵ حديث۵۸۵۵) (4) مرد مرداڻو ۽ عورت زنانو جوتو استعمال ڪري (5) ڪنهن حضرت سيِّدتُنَا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جن کي عرض ڪيو: هڪ عورت (مردن جيان) جوتا پائيندي آهي، انهن فرمايو: رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مرداڻي عورتن تي لعنت فرمائي آهي۔ (اَبُو دَاو،د ج۴ ص ۸۴ حديث ۴۰۹۹) (6) جڏهن ويهو ته جوتا لاهي ڇڏيو جو ان سان پيرن کي آرام ملندو۔ (7) (تنگدستي جو هڪ سبب هي به آهي ته) اونڌي جوتي کي ڏسڻ ۽ ان کي سڌو نه ڪرڻ۔ ”دولت بي زوال“ ۾ لکيل آهي ته سڄي رات جُتي اُبتي پيل رهي ته