Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

اچو! عبرت جي لاءِ بدشگوني جي ڪجھ تباھ ڪارين بابت ٻڌون ٿا، جيئن

بدشگوني جون تباھ ڪاريون

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 126 صفحن تي مشتمل ڪتاب” بدشگوني“ صفحي نمبر20 تي آهي ته ٭ بدشگوني ۾ مبتلا ٿيڻ وارن جو الله عَزَّوَجَلَّ تي اعتماد ۽ توڪُّل ڪمزور ٿي ويندو آهي ٭ الله عَزَّوَجَلَّ جي باري ۾ بدگماني پيدا ٿيندي آهي ٭ تقدير تي ايمان ڪمزور ٿيڻ لڳندو آهي ٭ شيطاني وسوسن جو دروازو کلندو آهي ٭ بدفالي سان ماڻهو ۾ وهم پرستي، بزدلي، ڊپ، خوف گهٽ همت ۽ ڪم ظرفي پيدا ٿيندي آهي ٭ ناڪامي جا ڪيترائي سبب (Reasons) ٿي سگهن ٿا مثال طور ڪم ڪرڻ جو طريقو درست نه هئڻ، غلط وقت ۽ غلط جاءِ تي ڪم ڪرڻ ۽ تجربو نه هئڻ پر بدشگوني جو عادي شخص پنهنجي ناڪامي جو سبب نحوست کي قرار ڏيڻ جي ڪري پنهنجي اصلاح کان محروم رهجي ويندو آهي ٭ بدشگوني جي سبب جيڪڏهن مٽي مائٽي، تعلّق ٽوڙيا ويا ته پاڻ ۾ رنجش پيدا ٿيندي ٭ جيڪي ماڻهو پنهنجي لاءِ بدفالي جو دروازو کوليندا آهن انهن کي هر شيء منحوس محسوس ٿيندي آهي۔

ڪتاب”بدشگوني“ جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بد شگوني بابت معلومات حاصل ڪرڻ ۽ ان مُوذي مرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 126 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بدشگوني “ جو مطالعو ڪريو۔ هن ڪتاب (Book) ۾ شگون جا قسم، سٺي بُري شگون جا مثال، بدشگوني جون مختلف صورتون، بدشگوني جا نقصان، فال کولڻ ۽ ان جي اُجرت جو حڪم، استخارو ڪرڻ جا طريقا، دعائون ۽ فائدا، صفر ۾ پيش ايندڙ ڪجھ تاريخي واقعا، ٻنين