Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

سفر لاءِ روانا ٿي ويا۔ الله تعاليٰ اوهان کي رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي حياتِ ظاهري کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ بَرَڪت انهيءَ سفر ۾ عطا فرمائي

ايتريقدر جو سمورا دشمن قتل ڪيا ويا ۽ حضرت سيِّدُنا عليّ المرتضيٰ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم خوش ٿي، فتح حاصل ڪري واپس موٽيا۔

                                           (غذاء الالباب في شرح منظومۃ الآداب ،۱/۱۹۱، بتغير قليل)

بَعدِ خُلَفائے ثَلاثَہ سب صَحابہ سے بڑا                    آپ کو رُتبہ ملا مولیٰ علی مشکلکُشا

قَلْعۂ خیبر کا دروازہ اُکھاڑا آپ نے                      مرحبا! صد مرحبا! مولیٰ علی مشکلکُشا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بدشگوني جي ترديد

 اميرُالمُؤمِنِين حضرت سيدنا عمر بن عبدالعزيزرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي غلام مُزاحِم جو بيان آهي: جڏهن اسان مدينه طيّبه مان نڪتاسين ته مون ڏٺو چنڊ ”دَبَران“ ۾ آهي، مون انهن کي هي چوڻ ته مناسب نه سمجھيو بلڪ هي چيو: ٿورو چنڊ ڏانهن ته نهاريو، ڪيڏو نه خوبصورت (Beautiful) پيو لڳي! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڏٺو ته چنڊ دَبَران ۾ هو، فرمايائون شايد اوهان مون کي هي ٻڌائڻ چاهيو ٿا ته چنڊ دَبَران ۾ آهي، مُزاحم! اسان سج چنڊ سان گڏ ناهيون، بلڪ الله عَزَّوَجَلَّ واحد ۽ قهّار جي حڪم ۽ مرضي سان نڪرندا آهيون۔       (سيرت ابن عبدالحڪم ،ص۲۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد   

اصل نحوست ته گناهن ۾ آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو ته ڪو وقت برڪت وارو، عظمت ۽ فضيلت وارو ته ٿي سگهي ٿو جيئن رمضان، ربيع الاوّل، جمعة المبارڪ وغيره پر ڪو مهينو يا ڏينهن منحوس نٿو ٿي سگهي۔ جيئن مشهور مُفَسِّرِ قرآن،حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: اسلام ۾ ڪو ڏينهن يا ڪا