Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

لِلتَّقْوٰى(۱۳۲)  (پ۱۶،طٰهٰ:۱۳۲)      اسان توکي روزِي ڏِينداسِين ۽ چڱي پڇاڙِي پرهيزگارن جي واسطي آهي.(مشڪاة المصابيح،ڪتاب الصلاة،باب التحريض...الخ،الفصل الثالث،۱/۲۴۴، حديث:۱۲۴۰)

اچو! ترغيب لاءِ صداء مدينه لڳائڻ جي هڪ مختصر مَدَني بَهار ٻڌو ۽ صداء مدينه لڳائڻ جي نِيت ڪيو، جيئن

فيضانِ مدينه جي لاءِ زمين ملي وئي

هڪ اسلامي ڀاء جو بيان آهي: دعوتِ اسلامي جي مَدَني قافلي سان گڏ اسان هڪ شهر ۾ وياسين، اَذانِ فَجر کان بعد اسان صداء مدينه لڳائيندي وڃي رهيا هئاسين ته اوچتو هڪ گھر مان هڪ ماڊرن (Mordern) نوجوان اسان سان گڏ شامِل ٿيو ۽ ان فَجر جي نماز مسجد ۾ باجماعت ادا ڪئي۔ بعد ۾ ان نوجوان جو والِد مَدَني قافلي وارن سان ملڻ جي لاءِ آيا، هو مالدار هئا۔ انهن اچي ٻڌايو ته صداءِ مدينه جي بَرَڪت سان منهنجو نافرمان ماڊرن (Mordern) بي نمازي پٽ پنج وقت نماز پڙھڻ لڳو آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ هن ماڊرن نوجوان جي والِد مُتَاَثِّر ٿي ان شهر ۾ مَدَني مرڪز فيضانِ مدينه جي لاءِ زمين ڏئي ڇڏي۔

صدائے مدینہ دوں روزانہ صدقہ

 

ابُو بکر و فاروق کا یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! هاڻي اسان تقوي جي لُغوي ۽ شرعي وصف ۽ ان جي قسمن بابت ٻڌون ٿا ۽ گڏوگڏ هي نِيت به ڪيون ٿا ته ان جي برڪت سان گُناهن کان بچندي پنهنجي پاڻ کي تقويٰ ۽ پرهيزگاري جو پيڪر بڻائينداسين. اِنْ شَآءَ الله  عَزَّ وَجَلَّ

تقويٰ ڇا کي چئبو آهي؟