Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

 (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

ان سب مبلّغوں کے خوابوں میں اب کرم ہو

 

آقا جو سنّتوں کی خدمت بجا رہے ہیں

قبرستان جي حاضري جون سنتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! شيخ طريقت،اميرِ اَهلسُنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مَولانا ابُو بلال محّمد الياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي جي رسالي 163 مدني گل صفحي نمبر36 تان قبرستان جي حاضري بابت سنتون ۽ آداب سکون ٿا: ٭ فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: مون توهان کي قبرن جي زيارت کان منع ڪيو هو، پر هاڻي توهان قبرن جي زيارت ڪيو، ڇوته هي دنيا مان بي رغبتي جو سبب ۽ آخرت جي ياد ڏياريندي آهي۔

(اِبن ماجه،۲/۲۵۲،حديث۱۵۷۱)

٭ (وليُّ الله جي مزار شريف يا) ڪنهن به مسلمان جي قبر جي زيارت ڪرڻ لاءِ وڃڻ چاهيو ته مستحب هي آهي ته پهرين پنهنجي گھر (غير مڪروهه وقت) ۾ ٻه رڪعتون نفل پڙهي، هر رڪعت ۾ سورةُ الفَاتِحه کان پوءِ هڪ ڀيرو آيةُ الکُرسِي ۽ ٽي ڀيرا سورةُ الاِخلاص پڙهي ان نماز جو ثواب صاحبِ قبر کي پهچائي، الله تعاليٰ ان فوت ٿيل شخص جي قبر ۾ نور پيدا ڪندو ۽ ان (ثواب پهچائڻ واري) شخص کي تمام گھڻو ثواب عطا فرمائيندو. (فتاوي هنديه،۵/۳۵۰) ٭ مزار شريف يا قبر جي زيارت لاءِ ويندي واٽ تي فضول ڳالهين ۾ مشغول نه ٿيو. (ايضاً) ٭ قبرستان ۾ ان عام رستي کان وڃو جتي ماضي ۾ به ڪڏهن  مسلمانن جون قبرون نه هيون، جيڪو نئون رستو ٺاهيو ويو آهي ان تي نه