Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

قدر تاثير وارا هوندا آهن جو نڪرندي ئي حقيقت ۾ بدلجي ويندا آهن ايستائين جو تقويٰ ۽ پرهيزگاري جو هي پيڪر جيڪڏهن ڪاٺي جهڙي معمولي شيء کي به سون بنائڻ جي لاءِ بارگاھ الٰهي ۾ درخواست ڪري ته الله تعاليٰ ان جي پڪار کي رَدّ ناهي ڪندو ۽ ان ڪاٺي کي به سون بڻائيندو آهي ته جيئن ماڻهن کي معلوم ٿي وڃي ته هي ڪو معمولي انسان ناهي بلڪه ڪا پهتل هستي آهي۔ اچو! هن حوالي سان هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌون ٿا،

ڪاٺيون سون ڪيئن بڻيون۔۔۔؟؟؟

 حضرت سيدُنا دَاؤد بن رَشِيد رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: ملڪ شام ۾ ٻه (2) حسين ۽ جميل عبادت گذار نوجوان رهندا هئا۔ عبادت جي ڪثرت ۽ تقويٰ ۽ پرهيز گاري جي ڪري انهن کي ”صَبِيح ۽ مَلِيح“ جي نالي سان پڪاريو ويندو هو۔ اُنهن پنهنجو هڪ واقعو ڪجھ هيئن بيان ڪيو: هڪ ڀيري اسان کي بُک تمام گھڻو تنگ ڪيو۔ مون پنهنجي رفيق (ساٿي) کي چيو: اچو! فُلاڻي ريگستان ۾ هلي ڪنهن شخص کي دينِ متين جا ڪجھ اَحڪام سکائي پنهنجي آخرت جي بهتري جي لاءِ ڪجھ ڪوشش ڪيون، پوءِ اسان ٻئي ريگستان ڏانهن هلي پياسين، اتي اسان کي هڪ ڪارو شخص مليو جنهن جي مٿي تي ڪاٺين جي ڀري هئي۔ اسان ان کي چيو: ٻڌايو! توهان جو رَبّ ڪير آهي؟ هي ٻڌي ان ڪاٺين جي ڀري زمين تي رکي ۽ ان تي ويهي چيائين: مون کان اهو نه پُڇو ته تنهنجو رَبّ ڪير آهي؟ بلڪ هي پڇو: ايمان تنهنجي دل جي ڪهڙي خاني ۾ آهي؟ ان ڳوٺاڻي جو عارفاڻو ڪلام ٻڌي اسان ٻئي حيرت سان هڪٻئي جو مُنهن ڏسڻ لڳاسين۔ هن ٻيهر ڳالهايو: توهان چپ ڇو ٿي ويا، مون کان پڇو،سوال ڪيو، بيشڪ طالب علم سوال ڪرڻ کان پاسو ناهي ڪندو۔ اسان ان جي ڳالهين جو ڪجھ جواب نه ڏئي سگھياسين ۽ خاموش رهياسين۔ جڏهن ان اسان جي خاموشي ڏٺي ته بارگاھ خداوندي ۾ ان طرح عرض گذار