Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

        مُفتِي احمد يار خان رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: هدايت مان مُراد سٺا عقيدا آهن، تقويٰ مان مُراد چڱا عمل، پاڪدامني مان مُراد بُرائين کان بچڻ آهي ۽ (دولتمندي) مان مُراد مخلوق جو مُحتاج نه ٿيڻ، الله (عَزَّ وَجَلَّ) ۽ رسول (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جو حاجتمند رهڻ آهي، هن (دُعا) ۾ دين جون سموريون ڀلائيون گھري ورتيون ويون ۔ (مرآة المناجيح، ۴/۷۱)

الٰہی میں تجھ سے دعا مانگتا ہوں

 

کرم مغفرت کی دعا مانگتا ہوں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                              صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! مال ۽ دولت يا مَنصب ۽ وزارت ملي وڃڻ ڪو ڪمال ناهي بلڪ آزمائش آهي اهي شيون ته ڪثير ماڻهن کي نصيب ٿينديون آهن پر تقويٰ هڪ اهڙي عظيم دولت آهي جيڪا هر ڪنهن کي عطا ناهي ڪئي ويندي، تقويٰ ڪا معمولي شيء ناهي بلڪ نهايت وڏو خزانو آهي، جيئن ته

حُجَّة الاِسلام حضرت سَيدُنا امام محمدبن محمد غزالي رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: تقويٰ هڪ اڻلڀ خزانو آهي جيڪڏهن توهان هن خزاني کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته توهان کي هن ۾ بيش قيمت موتي ۽ جواهرات ملندا ۽ علم ۽ رُوحاني دولت جو نهايت وڏو خزانو هٿ ايندو، رِزقِ ڪريم توهان جي هٿ ايندو، توهان تمام وڏي ڪاميابي حاصل ڪري وٺندو، نهايت وڏي غنيمت ماڻيندو ۽ عظيم ملڪ (يعني جنَّت) جا مالڪ بڻجي ويندو، ائين سمجھو ته دنيا ۽ آخرت جون ڀلائيون تقويٰ ۾ جمع ڪيون ويون آهن۔ توهان ٿورو قرآنِ حڪيم ۾ ته غور ڪيو ته ڪٿي ارشاد فرمايو: جيڪڏهن توهان تقويٰ اِختيار ڪندو ته هر قسم جي خير ۽ برڪت جا مالڪ بڻجندو۔ ڪٿي تقويٰ اختيار