Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

پر هي نفس جي پاڪيزگي سان گڏ آيا هئا، صرف نِسبَت جي ضَرورت هئي، سا اسان عطا ڪري ڇڏي۔ پوءِ حاضرين سان مُخاطب ٿي فرمايائون: مونکي عرصي سان هڪ فڪر پريشان ڪيو هئو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ اها اڄ پري ٿي وئي۔ قِيامت ۾ جڏهن الله تعاليٰ پُڇا ڪندو ته آلِ رسول اسان لاءِ ڇا کڻي آيو آهين؟ ته مان پنهنجي مُريد اَحمد رضا خان (رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه) کي پيش ڪندس۔ (انوار رضا، ص ۳۷۸ )(پير تي اعتراض منع آهي،ص۴۷)

اس کی ہستی میں تھا عمل جَوہر

سنتِ مصطفے کا وہ پیکر

عالمِ دین صاحبِ تقوٰی

واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

 

مُتَّقِي ماڻهن جا وصف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته مَقبوليت ۽ فضيلت جو مِعيار اسان جي بزرگن جي نظر ۾ به تقويٰ ۽ پرهيزگاري آهي۔ صرف مشهور ۽ معروف ٿيڻ هرگز فضيلت جو معيار ناهي، عُمر ۾ وڏو هئڻ هرگز فضيلت جو معيار ناهي، حسين و جميل هئڻ هرگز فضيلت جو معيار ناهي، ظاهري صفائي ۽ سٿرائي وارو هئڻ هرگز فضيلت جو معيار ناهي، اعليٰ تعليم يافته هئڻ هرگز فضيلت جو معيار ناهي، رُعب ۽ دَاٻي وارو هئڻ هرگز فضيلت جو معيار ناهي، وڌيڪ بينڪ بيلنس وارو هئڻ هرگز فضيلت جو معيار ناهي، اعليٰ مڪان ۽ دڪان وارو هئڻ هرگز فضيلت جو معيار ناهي، اعليٰ سواري، قيمتي موبائل وارو هئڻ هرگز فضيلت جو معيار ناهي، گفتگو ۾ غالب هئڻ هرگز فضيلت جو معيار ناهي، مهانگي لباس وارو هئڻ هرگز فضيلت جو معيار ناهي۔ حُجَّة الاِسلام حضرت سَيدُنا امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه احياء العلوم ۾ فرمائن ٿا: بيشڪ قيامت جي ڏينهن الله عَزَّ وَجَلَّ جي وڌيڪ ويجھو اهي