Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

ماڻهو هوندا جيڪي دنيا ۾ ڊگھي عرصي تائين بُکايل، اُڃايل ۽ غمگين رهيا هوندا۔ هي اهي ماڻهو آهن جيڪي (عام ماڻهن جي نظرن مان) پوشيده ۽ مُتَّقِي آهن ڇوته جيڪڏهن مَوجُود هجن ته سڃاتا نه وڃن، غائب هجن ته انهن کي ڳولهيو نه وڃي، زمين جا حصا انهن کي سڃاڻن ٿا ۽ آسمان جا ملائڪ انهن کي گھيري رکيو آهي۔ ماڻهو دنيا سان خوش ٿيندا آهن ۽ هي ماڻهو اللهعَزَّ وَجَلَّ جي اطاعت ۽ فرمانبرداري سان خوش ٿيندا آهن۔ ماڻهو نرم ۽ ملائم بستر وڇائيندا آهن جڏهن ته هي ماڻهو پيشانيون ۽ گوڏا وڇائيندا آهن  (يعني راتيون سجدن ۾ گذاريندا آهن)۔ ماڻهو انبياءِ ڪرامعَلَيهمُ الصَّلَاة وَالسَّلَام جي سُنَّتن ۽ انهن جي اَخلاق کان رُوگرداني ڪندا (يعني مُنهن موڙيندا) آهن پر هي ان جي حفاظت ڪندا آهن۔ جڏهن انهن مان ڪنهن جو اِنتقال ٿي ويندو آهي ته زمين روئيندي آهي ۽ جنهن شهر ۾ انهن مان ڪو نه هجي ان شهر تي جبَّار عَزَّ وَجَلَّ غضب فرمائي ٿو۔ هي ماڻهو دُنيا تي اهڙي طرح نٿا ڪِرن جهڙي طرح سڙيل مُردار تي ڪتّا ڪِرندا آهن بلڪ هي ماڻهو ته گھٽ کائن ۽ پُراڻو لباس پائن ٿا۔ انهن جا وار کنڊرڻيل ۽ چهرا غُبار آلُود هوندا۔ ماڻهو انهن کي ڏسي بيمار گمان ڪن ٿا جڏهن ته هي بيمار نه هوندا آهن ۽ ماڻهو سمجھندا آهن ته انهن کي دماغي عارِضو لاحِق ٿيو آهي جنهن جي ڪري انهن جو عقل هليو ويو جڏهن ته انهن جو عقل ناهي ويو پر اُنهن الله عَزَّ وَجَلَّ جي معاملي ۾ غور وفڪر ڪيو ته ان سبب انهن مان دنيا (جي محبت) هلي وئي۔ دنيا وارن جي ويجھو هي ماڻهو بي عقل شخص وانگر هلندا آهن جڏهن ته انهن جو عقل ان وقت به سلامت هوندو جڏهن ماڻهن جو عقل هليو ويندو۔ انهن جي لاءِ آخرت ۾ بلند رتبو هوندو۔ جڏهن توهان انهن کي ڪنهن شهر ۾ ڏسو ته ڄاڻي وٺو ته هي ان شهر وارن جي لاءِ امان آهن۔ جنهن قوم ۾ هي هجن الله عَزَّ وَجَلَّ انهن تي عذاب ناهي ڪندو، زمين انهن سان خوش ۽ ربّ عَزَّ وَجَلَّ انهن سان راضي آهي، توهان