Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

معمولات ۾ شامل ڪري وٺو هي به ان مرض مان ڇوٽڪارو ماڻڻ جو بهترين طريقو آهي۔ (4) دعوتِ اسلامي جي سُنَّتن ڀري اجتماعن ۽ مدني مُذاڪرن ۾ پابندي سان هر هفتي شرڪت ۽ مدني چينل جي مختلف سلسلن کي باقاعدگي سان ڏسڻ به ان آفت مان نجات ڏيارڻ ۾ بهترين مددگار ثابت ٿيندو۔ (5) دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهو ۽ هر مهيني گھٽ ۾ گھٽ 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي عادت بڻايو۔ (6) روزانو فڪرِ مدينه ڪندي مدني انعامات جو رسالو ڀريو ۽ هر مدني مهيني جي پهرين تاريخ تي پنهنجي ذمه دار کي جمع ڪرايو اِنْ شَآءَ الله عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان مسلمانن کي حقير سمجھڻ واري غلط سوچ جو جڙ مان خاتمو ٿي ويندو۔ (7) انهن ڳالهين تي آساني سان عمل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي ڪنهن شعبي سان وابسته ٿيو ۽ پنهنجي قابليت ۽ صلاحيت کي نيڪي جي ڪمن ۾ ترقي جي لاءِ صرف ڪيو۔

مجلس اِصلاح براءِ کلاڙي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ تبليغِ قرآن و سُنَّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جتي 103 کان وڌيڪ شُعبن ۾ خدمتِ دين جو ڪم سَر انجام ڏئي رهي آهي اتي رانديگرن جي اصلاح ۽ تَربِيت جي لاءِ به هڪ شُعبو بنام ”مجلس اصلاح براءِ کلاڙيان“ قائم ڪيو ويو آهي جنهن جو بُنيادي مقصد راندين سان وابسته ماڻهن ۾ دعوتِ اسلامي جي مدني پيغام کي عام ڪرڻ ۽ انهن کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ڪندي هن مدني مقصد ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي“ جي مُطابق زندگي گذارڻ جو مدني ذهن ڏيڻ آهي، اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ ڪيئي رانديگرن ۽ انهن جي گھر وارن کي مدني مقصد ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا