Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

جيئن ته سيپارو 14سُوْرَة النَّحْل جي آيت نمبر30 ۾ ارشاد آهي:

وَ لَدَارُ الْاٰخِرَةِ خَیْرٌؕ-وَ لَنِعْمَ دَارُالْمُتَّقِیْنَۙ(۳۰) (پ۱۴،النحل:۳۰)

ترجموڪنزالايمان؛ ۽ بيشڪ آخرت جو گھر سڀ کا بهتر آهي، ۽ ضرُور ڪهڙو نه سُٺو گھر آهي پرهيزگارن جو.

سُبْحٰنَ الله عَزَّوَجَلَّ! دُنيا ۾ حقير سمجھيا ويندڙ، اميرن جي گھرن مان ڌڪاريل، پر الله عَزَّوَجَلَّ جي اَحڪامن جي بجا آوري ڪرڻ وارا، نمازون پڙھڻ وارا، روزا رکڻ وارا، رزقِ حلال کائڻ کارائڻ وارا، الله تعاليٰ کان ڊڄڻ وارا، رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنّت جي پيروي ڪرڻ وارا، نظر، دل ۽ اک جي حفاظت ڪرڻ وارا ۽ ٻيا نيڪ ڪم ڪرڻ وارا مُتّقي ماڻهو آخرت ۾ ڪهڙي شان ۽ عظمت جا مالڪ هوندا۔ مُتّقي ماڻهو جتي الله عَزَّوَجَلَّ کي محبوب آهن اتي ان جي پياري حبيب، اسان گناهگارن جي طبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا به پسنديده آهن، جيئن

اُمُّ المؤمنين حضرت سيدَتُنا عائشه صديقه، طيّبه، طاهره رَضِى الله تَعَالٰى عَنْها ارشاد فرمائن ٿيون: نبي ڪريم، رؤفٌ رّحيم ، محبوبِ ربِّ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن شيء تي تَعجُب نه ڪندا هئا ۽ نه ئي دُنيا جي ڪا شيء اوهان کي تَعجُب ۾ وجھندي هئي سواءِ تَقويٰ واري انسان جي ۔ (مسند احمد ،مسندعائشة، ۹/۳۴۱، حديث: ۲۴۴۵۷)

اهڙي طرح نبي ڪريم، رؤفٌ رّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايائون: عِلم جي فضيلت عبادت جي فضيلت کان وڌيڪ آهي ۽ توهان جي دين جي بهترين شيء تَقويٰ آهي۔ (معجم اوسط،من اسمه علي،۳/۹۲، حديث: ۳۹۶۰)

سڀ کان وڌيڪ عزت وارو ڪير؟