Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

ٿيو: اي منهنجا پاڪ پروردگار عَزَّوَجَلَّ! تون خوب ڄاڻين ٿو ته تنهنجا ڪجھ اهڙا ٻانها به آهن جو جڏهن اهي تو کان سوال ڪندا آهن ته تون انهن کي ضرور عطا فرمائيندو آهين۔ منهنجا موليٰ عَزَّوَجَلَّ! منهنجي هنن ڪاٺين کي سون بڻائي ڇڏ۔ اڃا ان هي لفظ اَدا ئي ڪيا هئا جو ڪاٺيون چمڪ دار سون بڻجي ويون۔ ان وري دُعا ڪئي: اي منهنجا پروردگار عَزَّوَجَلَّ! بيشڪ تون پنهنجي انهن ٻانهن کي وڌيڪ پسند ڪرين ٿو جيڪي شهرت جا طلبگار نه هوندا آهن، منهنجا موليٰ عَزَّوَجَلَّ! هن سون کي ٻيهر ڪاٺيون بڻائي ڇڏ۔ ان جي گفتگو ختم ٿيندي ئي اهو سڄو سون ٻيهر ڪاٺين ۾ تبديل ٿي ويو۔ ان ڪاٺين جي ڀري مٿي تي رکي ۽ هڪ پاسي روانو ٿي ويو۔(عيون الحڪايات،حصه دوم،ص۲۴۶)

دیکھنا مت تم حقارت  سے کسی اَن پڑھ کو بھی

کیا خبر پیشِ خدا مقبول بندہ ہو وہی

(وسائل بخشش ص297)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                 صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسلام ۾ مُتّقي ماڻهن کي وڏي اهميت حاصل آهي، جيڪڏهن ڪنهن شخص کي عُهدي ۽ مَنصب تي فائز ڪرڻو هجي ته ان جي ٻين بهترين وصفن سان گڏوگڏ تقويٰ ۽ پرهيز گاري کي به مدِ نظر رکيو ويندو آهي۔ اسان جو اسلاف رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيهمْ اَجْمَعِين به پنهنجي مُريدن ۽ واسطيدارن مان انهن ماڻهن کي محبوب رکندا هئا جيڪي پرهيز گاري ۾ ٻين کان وڌيڪ هوندا ، جيئن ته

احياء العلوم جلد 5، صفحي 324 تي آهي ته ڪنهن صُوفي بزرگ رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه جو هڪ نوجوان مُريد هو۔ بُزرگ (رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه) ان نوجوان کي وڏي عزّت ۽ ترجيح ڏيندا هئا۔ هڪ ڀيري ڪنهن مُريد پُڇيو: ”اوهان ان نوجوان کي وڌيڪ