Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

ڇا هي به مون کان بهتر ٿي سگهي ٿو؟

 حضرتِ سيدنا امام حسن بصري رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه ايتري قدر عاجزي وارا هئا جو هر ماڻهو کي پاڻ کان بهتر تصور ڪندا هئا، ان جو سبب هي ٿيو جو هڪ ڏينهن دِجله دريا تي ڪنهن حبشي کي عورت سان گڏ اهڙي طرح شراب نوشي ۾ مبتلا ڏٺو جو شراب جي بوتل ان جي سامهون هئي، اُن وقت پاڻ جن کي اهو خيال آيو ته ڇا هي به مون کان بهتر ٿي سگهي ٿو؟ ڇو ته هي شرابي آهي، انهي دوران هڪ ٻيڙي سامهون آئي جنهن ۾ ست ماڻهو هئا اُها غرق ٿي وئي، اهو ڏسي حبشي پاڻي ۾ ٽپو ڏنو ۽ ڇهن ماڻهن کي هڪ هڪ ڪري ڪڍيائين پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان عرض ڪيائين؛ اوهان صرف هڪڙي ئي جي جان بچائي وٺو، آئون ته اهو امتحان وٺي رهيو هئس ته اوهان جي باطني اک کُليل آهي يا نه! ۽ هي عورت جيڪا مون وٽ آهي اها منهنجي ماءُ آهي ۽ هِن بوتل ۾ سادو پاڻي آهي، اِهو ٻُڌندي ئي پاڻ اِن يقين سان ته هي ڪو غيبي شخص آهي اُن جي پيرن ۾ ڪِري پيا ۽ حبشي کي چوڻ لڳا ته جهڙي طرح اوهان ڇهن ماڻهن جي جان بچائي اهڙي ئي طرح تڪبر کان به منهنجي جان ڇڏايو، اُن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اوهان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهکي نورِ بصيرت عطا فرمائي  غرور ۽ تڪبُّر کي دور ڪري ڇڏي، اهڙي طرح ائين ئي ٿيو جو ان کان پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن بهتر تصور نه ڪيائون۔(تذڪرة الاولياء،ذڪر حسن بصري،ص۴۳)

فخر و غُرور سے تُو مولیٰ مجھے بچانا

 

یاربّ مجھے بنا دے پیکر تُو عاجِزی کا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                       صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

گود ڙي جو لعل