Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                               صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

زرد چهري وارو موچي

مڪتبة المدينه جو نهايت ئي پيارو ڪتاب، جنهن ۾ بزرگن جا نهايت دلچسپ واقعا آهن، هن ڪتاب جو نالو آهي، "عُيونُ الحِڪايات"۔ هن ڪتاب جو هڪ دلچسپ واقعو ٻڌو ۽ ايمان تازو ڪيو! حضرت سَيّدُنا خلد بن ايّوب رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: بني اسرائيل جي هڪ عابد جبل جي چوٽي تي سٺ (60) سالن تائين الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ڪئي۔ هڪ رات ان خواب ڏٺو ته ڪو چوڻ وارو چئي رهيو آهي: فُلاڻو موچي تو کان وڌيڪ عبادت گذار آهي ۽ ان جو مرتبو تون کان مٿاهون آهي۔ جڏهن هو عابد ننڊ مان بيدار ٿيو ته ان خواب بابت سوچيو، پوءِ پاڻ ئي چوڻ لڳو: هي ته صرف خواب آهي، ان جو ڪهڙو اِعتبار، تنهنڪري ان خواب ڏانهن ڌيان نه ڏنو، ڪجھ عرصي کان بعد ان کي وري اهڙي طرح خواب ۾ چيو ويو ته فُلاڻو موچي تو کان اَفضَل آهي۔ پر هن ڀيري به ان خواب ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏنو، ٽئين ڀيري وري ان کي خواب ۾ اهو ئي چيو ويو۔ بار بار خواب ۾ موچي جي فضيلت بابت ٻڌي هو جبل تان لٿو ان موچي وٽ پهتو۔ موچي جڏهن ان کي ڏٺو ته پنهنجو ڪم ڇڏي تعظيم طور بيهي رهيو ۽ وڏي عقيدت سان ان عابد (يعني عبادت گذار) شخص جا هٿ چُمڻ بعد عرض گُذار ٿيو: اوهان کي ڪهڙي شيء عبادت خاني مان نڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي؟ هو عابد چوڻ لڳو: مان تنهنجي ڪري هتي آيو آهيان، مون کي ٻڌايو ويو آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ تنهنجو رُتبو مون کان وڌيڪ آهي؟ ان ڪري مان تنهنجي زيارت ڪرڻ آيو آهيان، مون کي ٻڌايو ته اهو ڪهڙو عمل آهي جنهن جي ڪري توهان کي الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ اعليٰ مقام حاصل آهي؟ هو موچي خاموش رهيو، ڄڻ ته هو پنهنجو عمل ٻڌائڻ نه