Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

انهن کي پنهنجو ڀاءُ بڻائي وٺجو، قريب آهي ته توهان انهن جي وسيلي سان نجات ماڻي وٺو۔(احياء العلوم،۳/۲۴۶ملتقطا)

”صداءِ مدينه“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! تبليغِ قرآن ۽ سُنَّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ اسان کي اها ئي مدني سوچ فراهم ڪري ٿي ته الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ويجھو عزّت ۽ فضيلت جو دارومدار مال ۽ دولت، ملڪ و ملَّت، عزّت۽ مَنصب، قوم ۽ ثقافت، عمر ۽ تجربو، شهرت ۽ ڪاروبار تي ناهي بلڪ صرف ۽ صرف تقويٰ ۽ پرهيزگاري تي آهي جيڪو دنيا ۽ آخرت ۾ بي شُمار ڀلائين جو سبب آهي تنهنڪري تقويٰ ۽ پرهيزگاري جو عادي بڻجڻ، مُتَّقي مسلمانن جي عزت آبرو جي حفاظت ڪرڻ ۽ ڪامياب مسلمان بڻجڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صداءِ مدينه“ به آهي۔ صداءِ مدينه ڇا آهي؟ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ فجرجي نماز جي لاءِ مسلمانن کي جڳائڻ کي صداءِ مدينه چوندا آهن ۽ هي اهو عظيم ڪم آهي جيڪو صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان اختيار ڪيو، اهي حضرات پنهنجي گھر وارن کي نماز جي لاءِ جڳائيندا هئا جيئن ته حضرت سَيدُنا عبدُ الله بن عُمَر رَضِى الله تَعَالٰى عَنْهما فرمائن ٿا ته منهنجا والِدِ مُحتَرَم اَمِيرُ المُومِنِين حضرت سَيّدُنا عُمَر فَارُوقِ اَعظَم رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه رات ۾ جيتري قَدر ربّ تعاليٰ چاهي، نماز پڙھندا هئا، ايستائين جو جڏهن رات جو آخري وَقت ٿيندو هو ته پنهنجي گھر وارن کي به نماز جي لاءِ جڳائيندا هئا ۽ انهن کي فرمائيندا هئا: اَلصَّلٰوة يعني نماز۔ پوءِ اها آيت مُبارَڪه تِلاوَت ڪندا هئا:

وَ اْمُرْ اَهْلَكَ بِالصَّلٰوةِ وَ اصْطَبِرْ عَلَیْهَاؕ-لَا نَسْــٴَـلُكَ رِزْقًاؕ-نَحْنُ نَرْزُقُكَؕ-وَ الْعَاقِبَةُ

ترجموڪنزالايمان؛ ۽ پنهِنجي گھر وارن کي نَماز جو حُڪم ڏي ۽ پاڻ اُن تي ثابت رھ اسان توکان ڪا روزِي نه ٿا گُھرُون پاڻ