Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

ڪرڻ تي اَجر ۽ ثواب جا واعدا فرمايا ويا آهن ۽ ڪٿي فرمايو ويو ته سعادت جو ذريعو تقويٰ ۽ پرهيز گاري اختيار ڪرڻ آهي۔ امام محمد غزالي رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا ته مان قرآنِ ڪريم مان تقويٰ جا ٻارهن (12) فائدا بيان ڪيان ٿو: (1) مُتَّقِي شخص جي ربّ تعاليٰ واکاڻ ۽ ساراھ ڪري ٿو (2) مُتَّقِي شخص دُشمنن سان مامُون( پر امن ) ۽ محفوظ رهي ٿو (3) مُتَّقِي شخص جي الله تعاليٰ تائيد ۽ اِمداد فرمائي ٿو (4) مُتّقي شخص آخرت جي هولناڪين ۽ اتي جي سختين مان نجات ۾ رهندو (5) دُنيا ۾ مُتّقي شخص کي حلال رِزق نصيب ٿيندو (6) مُتّقي شخص جي عملن جي اِصلاح ٿي ويندي (7) تقويٰ جي برڪت سان مُتّقي شخص جا تمام گُناھ مُعاف ٿي ويندا آهن (8) مُتَّقِي شخص الله تعاليٰ جو دوست بڻجي ويندو آهي (9) تقويٰ سان مُتّقي شخص جا عمل قَبوليت جي درجي تائين پهچندا آهن (10) مُتّقي شخص الله تعاليٰ وٽ اِعزاز ۽اِڪرام جو مُستَحِق ٿي ويندو آهي (11) مُتَّقِي شخص جي لاءِ موت جي وقت ديدارِ الٰهي ۽ آخرت ۾ نجات جي بشارت ڏني ويندي آهي (12) مُتَّقِي شخص آتَشِ دوزخ (دوزخ جي باهه )کان محفوظ رهندا ۽ انهن کي هميشه جي لاءِ جنَّت ۾ رهڻ جي سعادت نصيب ٿيندي۔ (منهاج العابدين، ص۱۴۴ تا۱۴۸ماخوذاًوملتقطاً)

دے حُسنِ اخلاق کی دولت

کر دے عطا اِخلاص کی نِعمت

مجھ کو خزانہ دے تقوٰی کا

یااللہ میری جھولی بھر دے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                               صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

متقي جون دُعائون قَبول ٿينديون آهن

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن ڪنهن ٻانهي جي سيني ۾ تقويٰ ۽ پرهيزگاري جي شمع روشن ٿي ويندي آهي ته جيتوڻيڪ هو ڪو سياه فام ئي ڇو نه هجي ان جا ڀاڳ کلي ويندا آهن، ان جي وات مان نڪرندڙ لفظ ايتري