Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

       تقويٰ جي معني هي آهي ته ”نفس کي خوف واري شيء کان بچائڻ‘‘ ۽ شريعت جي اِصطِلاح ۾ تقويٰ جي معني هي آهي ته نفس کي هر ان ڪم کان بچائڻ جنهن کي ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان ڪو شخص عذاب جو مُستَحق ٿئي جيئن ڪفر ۽ شرڪ، ڪبيره گُناهن، بي حيائي جي ڪمن کان پنهنجو پاڻ کي بچائڻ، حرام شين کي ڇڏي ڏيڻ ۽ فرضن کي ادا ڪرڻ وغيره ۽ هي به چيو ويو آهي ته تقويٰ هي آهي ته تنهنجو خدا عَزَّ وَجَلَّ تو کي اتي نه ڏسي جتي ان منع فرمايو آهي۔(تفسيرخازن،پ۱، البقرة، تحت الآية: ۲، ۱/۲۲ملخصاً)

حضرت سَيدُنا سُفيان ثوري رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا ته پرهيز گارن کي مُتَّقي ان ڪري چيو ويندو آهي ته اهي اهڙين شين کان به بچندا آهن جنهن کان بچڻ عام طور دُشوار هوندو آهي۔(در منثور ،پ۱،البقرة،تحت الآية:۲،۱ /۶۱)

ڪنهن شاعر جو چوڻ آهي ته جيڪو شخص الله تعاليٰ کان ڊڄندو آهي اهو ئي نَفعي واري شيء حاصل ڪندو آهي۔ قبر ۾ انسان سان گڏ صرف تقويٰ ۽ نيڪ عمل ئي ويندا آهن۔ (منهاج العابدين،ص۱۵۰)

اچو! هاڻي تقوي جي قسمن بابت ٻڌون ٿا،

تقوي جا قسم

اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه جي فرمان مطابق تقويٰ جا ست (7) قسم آهن: (1) ڪفر کان بچڻ، (2) بدمذهبي کان بچڻ، (3) ڪبيره گناھ کان بچڻ (4) صغيره گناھ کان بچڻ (5) شبهات کان پرهيز ڪرڻ (6) نفساني خواهشن کان بچڻ (7) الله تعاليٰ کان پري وٺي وڃڻ واري هر شيء ڏانهن توجھ ڪرڻ کان بچڻ، ۽ قرآنِ عظيم ان ستن مرتبن ڏانهن هدايت ڏيڻ وارو آهي۔ (خزائن العرفان،پ۱، البقرة، تحت الآية: ۲، ص ۴ملخصاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عام طور بعض ماڻهن ۾ اها بُري عادت هوندي آهي