Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

اَيُّهَاالْمُصَلِّيۡ يعني اي نمازي تو جلدي ڪئي،(پوءِ دُعا جو طريقو بيان ڪندي ارشاد فرمايائون) جڏهن تون نماز پڙهي ڪري ويهين ته پهريان الله تعاليٰ جي اهڙي حمد ڪر جيڪا ان جي لائق آهي، پوءِ مون تي دُرُودِ پاڪ پڙھ ۽ ان کان پوءِ دُعا گھر۔ راوي جو بيان آهي ته ان کان پوءِ هڪ ٻئي شخص نماز پڙھي، پوءِ الله عَزَّوَجَلَّ جي حمد بيان ڪئي ۽ نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي دُرُودِپاڪ پڙھيو ته نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشادفرمايو: اَيُّهَا الْمُصَلِّي اُدْعُ تُجَبْ، اي نمازي! تون دُعا گھر، قبول ڪئي ويندي۔([1])

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته جيڪڏهن دُعا گھرڻ وارو قَبُوليت جو طالب آهي ته ان کي گھرجي ته دُعا جي شروع ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جي حمد ۽ ساراھ به ڪري ۽ نبي ڪريم، رَؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي دُرُودِپاڪ به پڙھي بلڪ آخر ۾ به حمد ۽ دُرود پڙھڻ گھرجي جيئن ته دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 318 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”فضائلِ دُعا“ صفحي 68 تي اعليٰ حضرت جا والد، حضرتِ علّامه مولانا نقي علي خان رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه دُعا جا آداب بيان ڪندي اِرشاد فرمائن ٿا: دُعا جي لاءِ اوّل ۽ آخر حمدِ اِلٰهي ادا ڪري ڇوته الله عَزَّوَجَلَّ کان وڌيڪ ڪو پنهنجي حمد کي دوست رکڻ وارو ناهي، ٿوري حمد تي گھڻو راضي ٿئي ٿو ۽ بي شمار عطا فرمائي ٿو،

وڌيڪ فرمائن ٿا ته اَوَّل ۽ آخر نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ سندن آل ۽ اَصحاب تي دُرُود موڪلي ڇوته دُرُود الله تعاليٰ جي بارگاھ ۾ مَقبول آهي ۽ الله تعاليٰ جي ڪرم کان بعيد آهي ته دُعا جي اَوَّل ۽ آخر کي قبول فرمائي ۽ دَرميان کي رَد ڪري ڇڏي۔       (فضائلِ دُعا،ص۶۸ملخصاً )

 

 



[1]ترمذی کتاب الدعوات،بابماجاء فی جامع الدعواتلخ۵/۲۹۰ حدیث:۳۴۸۷